موٽر وي تي خوفناڪ حادثو ماءُ ٽن ٻارن سميت سڙي فوت

اوٻاوڙو (نمائندنو وٽان) مريدشاخ ايم فائيو  انٽرچينج تي تيز رفتاري سبب ڪار ڪلٽي ٿي پئي جنهن کي باھ وڪوڙي وئي، باهه سبب موقعي تي هڪ ئي گهر جا  4 ڄڻا سڙي فوت ٿي ويا جڏهن ته هڪ ڄڻو شديد زخمي ٿي پيو. فوتين جا لاش ۽ زخمي کي پوليس اسپتال کڻائي آئي آهي. شير باز شر موجب لاشن جي حالت خراب هئي ۽ سڃاڻپ لائق به نه رهيا آهن.

Photo Sindhyar

غلام علي رند موجب پوليس جو ڇوڻ آهي ته گاڏي گرم ٿيڻ سبب باهه لڳي ۽ فوت ٿيلن ۾ هڪ عورت ۽ سندس ٽي ٻار شامل آهن. جڏهن ته عورت جو مڙس جيڪو درائيور هو اهو زخمي آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو