موٽرسائيڪل هلائي گهر وارن جي مدد ڪندڙ نينگرين لاءِ انعام

گهوٽڪي( ن سنڌيار)ڊپٽي ڪمشنر گهوٽڪي محمد عثمان عبد الله اوٻاوڙو جي پٺتي پيل ڳوٺ ابراهيم شر ۾ موٽرسائيڪل هلائي پنهنجي پيرسن والد ۽ گهروارن جو سهارو بڻجندڙ نينگرين 15 سالا فرزانه شر ۽ 12 سالا ناديه شر کي پنهنجي آفيس ۾ اجرڪون پارائي خراج تحسين پيش ڪيو، ڊي سي نينگرين کي پنهنجي طرفان 10-10 هزار روپيا انعام به ڏنو. ان موقعي تي ڊپٽي ڪمشنر ڳالهائيندي چيو ته ضلعي جي پٺتي پيل علائقن ۾ نينگرين پاران موٽرسائيڪل هلائڻ غيرمعمولي ۽ مثبت ڳالهه آهي جنهن سان ٻين نينگرين کي به حوصلو ملندو، هن چيو ته نياڻين کي خراج تحسين پيش ڪري انعام ڏيڻ جو مقصد سندن حوصلا افزائي ڪرڻ آهي ته جيئن هو مستقبل به ۾ اهڙي ئي بهادري ۽ خودداري سان زندگي گذاري سگهن. ان موقعي تي هن ڄاڻايل علائقي کي سهولتون فراهم ڪرڻ جي سلسلي ۾ يونين ڪائونسل سيد پور ۾ هڪ سال دوران ڪرايل ترقياتي ڪمن بابت تفصيلي رپورٽ طلب ڪري ورتي آهي.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو