موهن جو دڙو جي ثمرين جيڪا مٽيءَ کي به سون ٿي بڻائي!

ثمرين سولنگي  جڏھن پيدا ٿي ته ان وقت ئي هن جي ڏاڏيءَ اڳڪٿي ڪئي ”هيءَ  سون جي آڱرن واري ڇوڪري آهي”. وري جڏهن ثمرين پنھنجي ھٿن سان مٽيءَ کي گڏايو، تڏهن واقعي ھن ان کي سون ۾ بدلائي ڇڏيو. ثمرين سولنگي موئن جو دڙو ڀرسان ڳوٺ حاجي لال بخش شيخ ۾ رهي ٿي. ھو چيڪي مٽيءَ مان زيور ۽ موئن جو دڙو مان مليل مورتين ۽ مھرن جھڙا مٽيءَ جا رانديڪا ٺاھي ٿي. 20 سالن جي  ثمرين جو چاچو ۽ والد بہ  موئن جو دڙو مان ملندڙ  راھب، رقاصہ ، مهرن ۽ هاٿي جھڙا  رانديڪا ٺاهن ٿا.  هي ھنر ثمرين پنهنجي والد کان سکيو جيڪو آثاري قديمہ جي محڪمي ۾ ننڍو ملاز ھو. ثميرين ٻڌائي ٿي ته ھن کي ننڍپڻ کان ئي مٽيءَ مان شيون ٺاهڻ جو شوق هو، ان  ڪري هوءَ تعليم حاصل نه ڪري سگهي ۽ ھي ڪم شروع ڪيائين. هاڻي هوءَ مٽيءَ مان سڀ ڪجهه ٺاهي سگهي ٿي.

Photo Courtesy BBC Urdu/Riaz Sohail

دريا جي مٽي

حاجي لعل بخش شيخ ڳوٺ سنڌو درياءَ جي ڀر ۾ آهي جتان اهي چيڪي مٽي آڻين ٿا. ان مٽي کي پھريان  خشڪ ڪيو ڪيو ٿو وڃي ، پوءِ سٺيءَ طرح سان ڪُٽي ۽ ملائي ڪري ان کي نرم ڪيو وڃي ٿو. ان ڪُٽيل نرم مٽي کي مِعدو سڏيو وڃي ٿو. ان نرم مِعدي واري مٽي کي جدا ڪري باقي رھيل  مٽي ۾ پاڻي ملائي ڪري ان ۾ مِعدي واري مٽي ٻيھر ملائي ان کي پيٽو وڃي ٿو. ھنن وٺ راھب يا بادشاھ پريسٽ جو سانچو موجود آھي. جڏھن ته ٻيو شيون ھٿ سان ٺاھيون وينديون آھن جن کي پوءِ سڪڻ لاءِ اُس تي رکيو وڃي ٿو. گرمين ۾ اھي ھڪ يا ڏيڊ ڏينهن ۾ جڏھن ته سياري جي مند ۾ ٻن يا ٽن ڏينهن ۾ سُڪي وڃن ٿيو.

Photo Courtesy BBC Urdu/Riaz Sohail

مٽيءَ جا زيور

مٽي مان زيور ٺاهڻ ۽ انھن کي پائڻ جي روايت موئن جي دڙي کان به صديون پراڻي آهي. تازو ئي هن رواج  کي ٻيهر زنده ڪيو ويو آهي. هاڻي انڊيا سميت ڪيترن ئي ملڪن ۾ ھن قسم جون شيون ٺھي رھيون آھن.ثمرين سولنگي ٻڌائي ٿي ته ھڪ غير سرڪاري تنظيم سنڌ رورل سپورٽ آرگنائيزيشن هن کي زيور ٺاهڻ جي تربيت ڏني. اٽڪل ڏهه ڇوڪرين هن سان گڏجي ٽن ڏينهن جي تربيت حاصل ڪئي  ۽  ثمرين هن سکيا کي مٽي وانگر پنھنجي ذھن ۾ پچائي ڇڏيو. هوءَ هاڻي مٽي مان جھمڪيون ، واليون ۽ ٻيا زيور ٺاهي ٿي. انهن وٽ  زيور ٺاهڻ لاءِ ڪي خاص اوزار نه آهن.  هڪ ٽٽيل ڇُري ، هڪ بال پوائنٽ ڍڪڻ۽ هڪ دٻو آهي جنهن سان ھوءَ گولائي وغيره ڪندي آهي. ھي ڪمال جو فن ڪنھن اسٽوڊيو  يا ڪارخاني ۾ نه پر  ھڪ ڪچي گهر ۽ اَڱڻ ۾ ٿئي ٿو. پهريان مان جهمڪنَ جا گهنگهرو ۽ مٿيون حصو  ٺاهيندي آھيان. ان کان پوءِ ان جو هيٺئيون حصو ٺاھي ان تي پين سان ڊزائين ڪندي آھيان. پوءِ انهن ٻني حصن کي ڳنڊي ان کي اُس تي سڪڻ لاءِ رکي ڇڏيا ٿي. ان کان پوءِ آئون انھن کي ڇيڻن جي باھ ۾ پچايا ٿي. جيڪي صبح تائين  تيار ٿي ويندا آهن. ان مٽيءَ وارن زيورن تي هر قسم جا رنگ ڪيا وڃن ٿا. خاص طور تي جھمڪن تي چاندي ۽ سون جو رنگ.  ثمرين جي مطابق پهريان سونهرو رنگ لاڳائڻ کانپوءِ ان کي ڳاڙهي ۽ سائي رنگن سان ڀريو وڃي ٿو جيڪو ان کي دلفريب ڪري ڇڏي ٿو.

Photo Courtesy BBC Urdu/Riaz Sohail

ڪورونا سوشل ميڊيا ڏانهن توجهه ڏياري

ثمرين سولنگي جي گهر جي آمدني جو واحد ذريعو موئن جو دڙي جو  سير ڪرڻ وارا سياح هئا، جيڪي ڪورونا جي ڪري اچڻ ڇڏي ويا. هوءَ چوي ٿي ته سياح گرمي ۾ گهٽ ۽ سياري ۾ وڌيڪ ايندا هئا پر ڪورونا جي ڪري سياحن هتي اچڻ ڇڏي ڏنو جنهن جي ڪري هن جي ھٿن سان ٺاھيل مورتيون  ۽ مھرون  وغيره جو وڪرو بند ٿي ويو. اقصه شورو جيڪا سکر جي رھائشي آھي ھن ثمرين سولنگي جي مدد ڪئي ۽ کيس سوشل ميڊيا تي متعارف ڪرايو ۽ شوشل ميڊيا  هن جي هنر کي مقبوليت ڏني ۽ ھن کي ھاڻي مٽي جي زيورن جا آرڊر ملي رھيا آهن.

اسان بابا جا پٽ آهيون.

ثمرين سولنگي جي والد جو ھنر ھن کي خاندان وٽان وراثت ۾ مليو . ثمرين کي ڇهه ڀينرون آهن پر ڀاءُ ڪونه اٿن. “ڀاءُ جي نه ھجڻ جو احساس ۽ ڪمي محسوس ٿيندي آهي. ڀاءُ ته ڀاءُ ھوندو آھي. پر اسان اهو ٿا سمجهون ته اسان ئي بابا لاءِ پٽ آهيون ۽ اسين پُثَن وارا ئي ڪم ڪري رھيون آھيون. بابا کي ڪڏهن به پٽ جي نه ھجڻ وارو احساس محسوس نا ھي ڪرايو. پُٽَ ته پُٽَ ٿيندا آھن.

Photo Courtesy BBC Urdu/Riaz Sohail

جيڪڏھن ڌيئرن کي به ان نظر سان ڏٺو وڃي ته ڌيئرون به پُٽَ ئي ھونديون آهن. ثمرين جو والد جي طبعيت خراب ٿي رھي ان ڪري ھو ڪم نٿو ڪري، پر ھو پنھنجي ڌيئرن جي هن ڪم ۾ مدد ڪري ٿو. ثمرین ۽ هن جون ڀينرون پنھنجي والد جو خيال رکنديون آهن. هوءَ صبح جو سوير اُٿي ڪڏهن مٽي مان مورتيون، مهرون ۽ زيور ٺاهڻ شروع ڪن ٿي. ھڪ جهمڪو ٺاهڻ ۾ هڪ ڪلاڪ لڳي ٿو. رنگ روغن سميت ھڪ جهمڪي جي  قيمت 300 روپيا ملي ٿي.ان آمدني مان صرف گزارو ئي ٿئي ٿو. ڇاڪاڻ کائڻ پيئڻ جي سامان سان گڏ زيورن جو رنگ روگن ۽ پيڪنگ جو سامان به وٺڻو پوي.    جڏهن مان ثمرين کان معلوم ڪيو ته هن جو خواب يا خواهش ڪھڙي آھي؟ ان ته  هميشه وانگر کلندي چيو ته هن جي ڪابه خواهش نه آهي مون ھن کان  پڇيو ڪا ته خواھش هوندي، ان تي ھن ھڪ ڀيرو ٻيھر کلندي چيو ته هو پنهنجي ڪٽنب ۽ دوستن کي خوش ڏسڻ چاهي ٿو.(هي اسٽوري رياض سهيل بي بي سي اردو لاءِ ڪئي جيڪا جاويد سولنگي ترجمو ڪئي)jawaid_solangi@yahoo.com

پهنجو تبصرو موڪليو