مولانا فضل الرحمان جي پٽ کي آرمي چيف ڇا چيو؟

ڪراچي(ويب ڊيسڪ) ريلوي جي وفاقي وزير شيخ رشيد دعويٰ ڪئي آهي ته هڪ هفتو اڳ آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوا ۽ ڊي جي آءِ ايس آءِ ليفٽيننٽ جنرل فيض حميد سان اپوزيشن جي سڀني مک ليڊرن ملاقات ڪئي هئي. جن ۾ شهبازشريف ۽ خواجا آصف، بلاول ڀٽو زرداري، مولانا فضل الرحمان جو پٽ اسد محمود الرحمان ۽ ٻيا شامل هئا. شيخ رشيد جيو جي آج شاهزيب خانزاده سان گڏ پروگرام ۾ چيو ته آرمي چيف فضل الرحمان جي پٽ کي چيو ته صدارتي چونڊ ۾ ووٽن لاءِ اسمبلي حلال آهي ۽ باقي حرام آهي. هڪ ٻئي پروگرام ۾ شيخ رشيد چيو ته چونڊن واري رات هڪ مسلم ليگ (ن) جي اڳواڻ آرمي چيف کي فون ڪري چيو ته ڌانڌلي ٿي رهي آهي، کيس چيو ويو ته ڌانڌلي نه ٿيندي ۽ پوءِ خواجا آصف کٽي ويو هو. هن ٻڌايو ته فوج اپوزيشن کي ڪليئر ميسيج ڏنو ته سياست ۾ فوج کي ملوث نه ڪريو سياست ڄاڻو اوهان ڄاڻو. فج اهو به چيو ته چيف اليڪشن ڪمشنر هجي يا چيئرمين نيب اهو اوهان مقرر ڪيو هو اسان ڪونه ڪيو هو. شيخ رشيد موجب فوجي قيادت سامهون گلگت چونڊ جي به ڳالهه ٿي هئي ۽ فوج چيو هو ته هو مداخلت نه ڪندا. گلگلت کي مڪمل صوبو ٺاهيو ويندو. هوڏانهن مسلم ليگ (ن) جي اڳواڻ شاهد خاقان عباسي عدالت ۾ پيشي بعد ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته هفتو اڳ جي ملاقات جي خبر هاڻي ليڪ ڪئي وئي. اها ملاقات فوجي قيادت جي درخواست تي ٿي هئي.

پهنجو تبصرو موڪليو