مولانا جي ڀاءُ ضياءُ الرحمان کي وفاق واپس گهرائي ورتو

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) ڪراچي ۾ ڊي سي سينٽرل مقرر ڪيل مولانا فضل الرحمان جي ننڍي ڀاءُ ضياءُ الرحمان کي واپس ڪي پي ڪي گهرايو ويو آهي،ان سلسلي ۾ اسٽيبلشمينٽ ڊويزن طرفان ضياءُ الرحمان جون خدمتون سنڌ سرڪار کان واپس وٺڻ جو نوٽيفڪيشن جاري ڪيو ويو آهي، ياد رهي ته جي يو آءِ ف سربراهه مولانا فضل الرحمان جي ڀاءُ کي ڪراچي ۾ ڊي سي سينٽرل مقرر ڪرڻ تي سوشل ميڊيا تي بحث ۽ مهم هلڻ کانپوءِ معاملو وڌي ويو ۽ هاڻ اسٽيبلشمينٽ ڊويزن ضياءُ الرحمان جون خدمتون واپس وٺي ان کي اسٽيبلشمينٽ ڊويزن ۾ رپورٽ ڪرڻ جو چيو ويو آهي. جنهن بعد کيس واپس ڪي پي ڪي موڪليو ويندو.

پهنجو تبصرو موڪليو