‘موسمي تبديلين کي منهن ڏيڻ لاءِ وڻڪاري ضروري آهي’

روھڙي (امان الله سومرو)آءِ بي اي يونيورسٽي سکر وڻ پوکيو مهم 2020 جي شروعات وائيس چانسلر پروفيسر ڊاڪٽر محمد شاھ ٻوٽو لڳائي ڪئي.آءِ بي اي جي رجسٽرار انجنيئر زاهد حسين کنڊ، ڊپارٽمينٽ هيڊس، سيڪشنل هيڊس ۽ پروفيسرز به ڪئمپس ۾ مختلف جاين تي ٻوٽا پوکي وڻڪاري مهم ۾ حصو ورتو. تقريب ۾ ڳالهائيندي پروفيسر ڊاڪٽر مير محمد شاھ جو چوڻ هو ته سڄي دنيا ان ڳالهه تي متفق آھي ته ملڪ سان گڏ سڄي دنيا کي ماحولياتي نظام تي ناڪاري اثرن  سان گڏ موسمي تبديلين جو خطرو آھي. انهن سان نبرڻ جو وقت اچي ويو آھي انڪري وڏي انگ ۾  وڻ پوکيا وڃن . هن چيو ته وڻ آڪسيجن ڏين ٿا، مٽي ۽ بارش کان تحفظ ڏين ٿا، لينڊ سلائيڊنگ کان بچائن ٿا. هن جو وڌيڪ چوڻ هو ته گهرن شاهراهن دفترن ۽ جهنگن ۾ وڌيڪ وڻ پوکي ملڪ ۾ موسمي تبديلين جو مقابلو ڪري سگهجي ٿو. هن عوام کي وڻ پوکيو مهم جو حصو بڻجڻ جي اپيل ڪئي. افتتاحي تقريب ۾ استادن ۽ ملازمن ڀرپور شرڪت ڪئي.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو