مورو ۾ ٻن ڌار ڌار واقعن ۾ ڪرنٽ لڳڻ سبب 3 ٻارڙا فوت

مورو)مورائي اياز سولنگي( شهر ۾ ٻن مختلف واقعن ۾ ٽي معصوم نينگر بجلي جي تارن ۾ وچڙي ڪرنٽ لڳڻ سبب فوت ٿي ويا. سنڌ ڪالوني ۾ ماجد علي ولد انور سولنگي پنکي جي تار ۾ وچڙي ڪرنٽ لڳڻ سبب فوت ٿي ويو، جڏهن ته ٻيو افسوس ناڪ واقعو مورو ڀرسان ڳوٺ ڏيپارجه اسپتال ڀرسان پيش آيو جنهن ۾ رستي تان گذرندڙ 8 سالن جا ٻه معصوم ٻارڙا علي نواز پٽ محرم سولنگي، رمضان پٽ بخشل سولنگي بجلي جي ڪريل 11 هزار وولٽ جي تارن ۾ وچڙي موقع تي ئي فوت ٿي ويا فوتين جا لاش گهر پهچڻ تي ڪهرام مچي ويو. فوتي نينگرن جي وارثن ٻڌايو ته اسان واپڊا نوان جتوئي فيڊر جي مقرر ڪيل واپڊا اهلڪارن کي بار بار چوندا رهياسين ته اهي تارون هيٺ لڳل آهن جن کي مٿي لڳايو وڃي مگر واپڊا وارن اسان جي هڪ به نه ٻڌي جنهن ڪري اڄ اسان سان اهو ڏکوئيندڙ واقعو پيش آيو آهي.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو