مودي سان ڪشميري اڳواڻڻ جي ملاقات، پسپائي يا توثيق؟

نئين دهلي (ويب ڊيسڪ) والاريل ڪشمير جي ڀارت نواز ڪشميري اڳواڻن سان وزيراعظم نريندرا مودي اڄ اهم ملاقات ڪري رهيو آهي. آل پارٽيز حريت ڪانفرنس کانسواءِ سموري مسلمان، هندو ۽ سک قيادت ساڻس ملاقات ڪندي. جن ۾ فاروق عبد الله ۽ عمر عبدالله (نيشنل ڪانفرسن) غلام النبي آزاد (ڪانگريس)، محبوبه مفتي (پيپلز ڊيموڪريٽڪ) شامل آهن هي اها قيادت آهي جنهن کي 5 آگسٽ تي ڪشمير جي خصوصي حيثيت ختم ڪري ان کي ڀارت ۾ شامل ڪرڻ جي اعلان بعد گرفتار ڪري جيل ۾ بند ڪيو هو. ٻين ملاقات ڪندڙن ۾ تاراچند، مظفر حسين بيگ، نرمل سنگهه، ڪوويندر گپتا، يوسف تاريگامي، الطاف بخاري سجاد لون، جي اي مير، رويڊنر رائنا ۽ ڀيم سنگهه شامل آهن. هندوستان ۾ هن ملاقات کي نريندر مودي جي پسپائي سان تعبير ڪيو پيو وڃي. جڏهن ته پاڪستان سمجهي ٿو ته هي ملاقات 5 آگسٽ جي مودي جي فيصلي جي توثيق برابر آهي. ڀارتي سرڪار جو چوڻ آهي ته هن ملاقات جي ڪا ايجنڊا ناهي پر وزيراعظم ڪشمير بابت ڪشميري قيادت سان مشاورت ڪرڻ چاهي. محبوبه مفتي جو چوڻ آهي ته هوءَ مودي تي زور ڀريندي ته 5 آگست تي کنيل قدم واپس وٺو ۽ پاڪستان سان ڳالهيون شروع ڪريو، جڏهن طالبان سان ڳالهيون ٿي سگهن ٿيون ته اسلام آباد سان ڇو نو؟

پهنجو تبصرو موڪليو