موالي موري وٽ جگري دوست هٿان دوست قتل

دڙو (شوڪت ميمڻ وٽان) موالي موري اسٽاپ پوليس چيڪ پوسٽ ڀرسان ڳوٺ رمضان مگسي جي رھندڙ 23 سالن جي نوجوان ارشاد ولد الھبچايو مگسي مٿان سندس جگري دوست جوابدار اياز ولد نورالدين مگسي پسٽل جا ٻه فائر ڪري کيس قتل ڪرڻ بعد موقعي تان فرار ٿي ويو. واقعي جي فورن بعد مقتول جي وارثن موالي موري تي پھچي لاش کي پوسٽ مورٽم لاء دڙو رورل ھيلٿ سينٽر پھچايو. جتي آخري اطلاع تائين ٻنون پوليس نه پھتي. جڏھن ته واقعي جي ڪارڻ بابت  معلوم ٿيو آھي. ته مقتول ۽ جوبدار ويجھا جگري دوست ھئا. ڪنھن ڳجھي ڳالھ تان جوابدار اياز مگسي گوليون ھڻي کيس قتل ڪرڻ بعد فرار ٿي ويو آھي. ان موقعي تي دڙو اسپتال ۾ مقتول نوجوان جي ڀاء شريف مگسي، سوٽ عبدالستار مگسي ۽ ٻين وارثن ٻنون پوليس تي نااھلي جو الزام ھڻندي سخت احتجاج ڪندي چيو ته نوجوان جو قتل موالي موري پوليس چيڪ پوسٽ ڀرسان ٿيو پر ڪنھن به پوليس اھلڪار جوابدار سان مزاحمت نه ڪئي. ايتري قدر مقتول جي لاش کي به اسان وارث اسپتال کڻائي آيا آھيون. ھنن چيو ته ظالم جوابدار اسان سان وڏو قھر ڪري نوجوان کي سري عام قتل ڪيو آھي. جوابدار کي فورن قانون جي ڪٽھري ۾ آندو وڃي. ھوڏانھن ٻنون پوليس اڃا تائين واقعي جو ڪوبه ڪيس داخل نه ڪيو آھي ۽ نه ئي جوابدار کي سوگھو ڪري سگھي آھي.

پهنجو تبصرو موڪليو