مهر برادري ۾ ڪارنهن معاملي تان جهيڙو 5 زخمي

ٺل( عبدالنبي شيخ) مبارڪپور ويجهو ڳوٺ پيارو مهر ۾ مهر برادري جي ٻن ڌرين ۾ هلندڙ ڪارنهن تڪرار تان جهيڙو ٿي پيو، لٺيون ۽ ڪهاڙيون لڳڻ جي نتيجي ۾ ٻنهي ڌرين جا 5 ڄڻا زخمي ٿي پيا آهن ڳاڙهي ڌر جي زخمين ۾ الله وڌايو،عبدالرحمٰن مهر ۽ ڪمال مهر جڏهن تہ ڪارنهن الزام هيٺ آيل ڌر جي زخمين ۾ ڀورل مهر عاشق علي مهر شامل آهن زخمين کي مقامي اسپتال داخل ڪرايو ويو هو،جڏهن تہ ڌرين ۾ جهيڙي بعد ڇڪتاڻ تيز ٿي وئي آهي ۽ وڌيڪ جهيڙي ٿيڻ جا پڻ امڪان آهن،هوڏانهن آخري اطلائن تائين جهيڙي جي واقعي جو ڪيس داخل نہ ٿي سگهيو هو.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو