مهر برادري ۾ جهيڙو هڪ قتل 2 زخمي، حملو ڪندڙ فرار

پنوعاقل (سنتوش ڪمار) بائجي ٿاڻي جي حد ۾ پراڻي ڪارنهن مامري تان ٿيل جهيڙي ۾  منظور، عبدالرشيد ۽ ڪريم بخش زخمي ٿي پيا ۽  مٺل مھر  فوت ٿي  ويو جنهن کي وارث علاج لاءِ تعلقه اسپتال پنوعاقل کڻائي پهتا جتي منٺار علي مهر ٻڌايو ته اسان تي هنن ڪوڙو ڪارنهن الزام مڙهيو ۽ اسان تي ڪوڙا ڪيس داخل ڪيا هئا جنهن جي پڪي ضامن لاءِ پنوعاقل جي ڪورٽ سڳوري وڃي رهيا هئا ته 15 کان مٿي هٿياربندن اسان جي نوجوانن تي هٿيارن جا منهن کولي ڇڏيا جنهن جي نتيجي ۾ مٺل مهر موقعي تي فوت ٿي ويو ۽ ٽي ڄڻا زخمي ٿي پيا آهن.

هن وڌيڪ ٻڌايو ته  ڪجهه ڏينهن اڳ نعمت، صالح۽ رمضان مهر مون مٿان به لٺين ۽ هٿيارن سان  حملو  ڪيو هو جنهن جي رپورٽ بائجي ٿاڻي تي داخل ڪرائي هئي پر بائجي پوليس هنن کان پئسا وٺي آزاد ڪري ڇڏيو هو ۽ اڄ هنن وري ڳوٺ ڀنڊڪي ڪلهوڙا وٽ بائجي ٿاڻي جي حد ۾ حملو ڪري مڙس ماري وڌو آهي، هن آئي جي سنڌ، چيف جسٽس آف پاڪستان ۽ وزير اعظم عمران خان کان مطالبو ڪيو آهي ته اسانکي تحفظ ڏنو وڃي ۽ انصاف ڪيو وڃي، فوتي جي مڙھ جي قانوني ڪارروائي بعد وارثن حوالي ڪيو ويو ۽ زخمين کي علاج لاءِ سکر جي سول اسپتال ڏانهن ريفر ڪيو ويو آهي واقعي جو ڪيس داخل ٿي نه سگهيو آهي

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو