مهانگائي عروج تي بيروزگار ۽ پورهيت طبقو پريشان

ٽنڊومحمدخان(ن سنڌيار) ٽنڊومحمدخان شهر ۽ ڀرپاسي وارن علائقن ۾ مهانگائي چوٽ چڙھيل آهي، غريب ۽ پورھيت طبقو سخت پريشاني ۾ مبتلا ٿي ويو آهي، ضلع انتظاميه توڙي مارڪيٽ ڪميٽي عام واهپي واريون شيون وڌيڪ اگهه تي وڪرو ڪندڙن خلاف ڪوبه قدم نه کڻي سگهي آهي، ڀاڄن جون قيمتون ٽيڻ تي ورتيون پيون وڃن جنهن ۾ پٽاٽا، پالڪ، گوبي، بصر، ڪدو ۽ ٻين سبزين جا اگهه 70 سيڪڙو وڌايا ويا آهن. ڀينڊي 80 کان 100 روپيا، ڪريلا 60 کان 80 روپين جي اگهه ۾ ڏنا پيا وڃن، واپارين اٽي جي في ڪلو تي به قيمت جو اضافو ڪيو ويو آهي، وڌندڙ مهانگائي سبب پورهيت ۽ مزدور طبقو سخت پريشاني ۾ مبتلا آهي، انھن جو چوڻ ھو ته مهانگائي وڌيڪ ٿيندي پئي وڃي، حڪومت مان غريبن کي ڪوبه  لاڀ نه ٿو ملي، وڌيڪ مھانگائي ھجڻ سان مسڪين ھڪ ويلي جي ماني لاءِ به پريشان آھن، روز مره جي کاڌ پيت وارين شين جي اگھن ۾ ھٿرادو مھانگائي ڪري غريب مسڪين ماڻھن کي  ڳڀي لاءِ پريشان ڪري ڇڏيو ويو آھي.

پهنجو تبصرو موڪليو