مهانگائي خلاف سڄي سنڌ ۾ جماعت اسلامي پاران احتجاج

ڪراچي (نمائندن وٽان) جماعت اسلامي جي امير سراج الحق جي هدايت تي سنڌ جي ننڍن وڏن شهرن ۾ آچر تي مهانگائي خلاف احتجاجي مظاهرا ڪيا ويا. ڪارڪنن وفاقي ۽ سنڌ حڪومت خلاف نعريبازي ڪئي. ***شڪارپور ۾ قائم مقام امير جماعت اسلامي صوبه سنڌ پروفيسر نظام الدين ميمڻ جي قيادت ۾ مھنگائي، بدامني ۽ لوڊشيڊنگ جي خلاف جيم خانه کان پريس ڪلب تائين ريلي ڪڍي وئي، ريلي کي خطاب ڪندي عبدالرحمان مڱريو، عبدالسميع ڀٽي، حافظ نياز احمد ڀٽي، علي اصغر پھوڙ، مولانا صبغت الله منصوري ۽ ٻين چيو ته حڪمرانن ملڪ ۾ ڳاٽي ٽوڙ مھنگائي ڪري عوام کان ٻن وقتن جي ماني کسي ورتي آهي، بيروزگاري جي ڪري عوام خودڪشي ڪري رھيو آھي. شڪارپور ۾ بدامني چوٽ تي آهي ڏوهاري سر عام گهمن ٿا.***ٺٽو  ۾ ضلعي امير الطاف احمد ملاح، ٺٽي شھر جي امير عبدالله آدم گندرو، عبدالمجيد سمون، عبدالحميد شورو جي اڳواڻي ۾ ڪري سخت نعريبازي ڪئي ويئي، جنھن ۾ جماعت جي ڪارڪنن وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي. ريلي کي خطاب ڪندي اڳواڻن چيو ته عمران خان جي حڪومت حد کان وڌيڪ مھنگائي ڪري عوام کان جيئڻ جو حق کسي ورتو آھي، عام واھپي سان گڏ پئٽرول جون قيمتون وڌائي عوام مٿان مھنگائي جو بم ڪيرايو ويو آھي. اسلامي نظام جي نفاذ تائين هن ملڪ ۾ مسئلا حل نه ٿيندا. ***ڪنڌڪوٽ ۾ خواجه محله کان پريس ڪلب تائين احتجاجي ريلي ڪڍي وئي.

Jamat Islami Protest against inflation, Photo Sindhyar

جنهن کي خطاب ڪندي وڪيل عبيدالله، حافظ عمران، جان گل خلجي ۽ ٻين جو چوڻ هو ته عمران خان اليڪشن دوران وڏيون دعوائون ڪيون پر هن هڪ واعدو به پورو ڪو نه ڪيو ويتر مهنگائي بيروزگاري وياج جو ڪاروبار ۽ بدامني عروج تي پهچي وئي آهي. هن حڪومت ۾ عوام کي بيروزگار ڪيو ۽ غريبن جا اجها ڊاهيا آهن.*** ٽنڊومحمدخان ۾ مهانگائي خلاف ابو نعمان سولنگي عبدالڪريم ناگوري ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ پريس ڪلب سامهون احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو.

Jamat Islami Protest against inflation, Photo Sindhyar

انهي موقعي تي مظاهرين کي خطاب ڪندي اڳواڻن چيو ته غريب مسڪين مهنگائي سبب سخت پريشان آهن حڪمران ڪوڙا ۽ کوکلا نعرا هڻي عوام کي ڪوڙن آسرن ۾ رکڻ بند ڪن هاڻي سندن اهڙن نعرن جي چڪر نه اچبو ملڪ جو عوام سڃاگ ٿي چڪو آهي وفاق توڙي صوبن پاران پيش ڪيل بجيٽ اندر ڪو به عوام فائدي وارو پيڪج نه آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو