مني لانڊرنگ ڪيس جي راولپنڊي منتقلي سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ چيلينج

ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) پاڪستان جي سابق صدر آصف علي زرداري ميگا مني لانڊرنگ ۽ جعلي بئنڪ اڪائونٽ ڪيس راولپنڊي منتقل ڪرڻ بابت بينڪنگ ڪورٽ جي فيصلي کي سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ چيلينج ڪري ڇڏيو آهي. آصف علي زرداري سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ پنهنجي وڪيل فاروق ايڇ نائڪ معرفت درخواست داخل ڪرائي آهي. جنهن ۾ موقف اختيار ڪيو ويو آهي ته مني لانڊرنگ ڪيس ڪراچي کان راولپنڊي منتقل ڪرڻ جا حڪم غيرقانوني آهن. اڳوڻي صدر آصف علي زرداري سنڌ هاءِ ڪورٽ کي استدعا ڪئي آهي ته بينڪنگ ڪورٽ جي فيصلي کي ڪالعدم قرار ڏنو وڃي، واضح رهي ته گذريل ڏينهن ڪراچي جي بينڪنگ ڪورٽ مني لانڊرنگ ڪيس ڪراچي کان راولپنڊي منتقل  ڪرڻ جو فيصلو ٻڌايو هو. جنهن بعد نيب راولپنڊي آصف علي زرداري ۽ بلاول ڀٽو کي جاچ لاءِ نوٽيس جاري ڪندي 20 مارچ تي پيش ٿيڻ جي هدايت ڪئي هئي.

پهنجو تبصرو موڪليو