مريم جي شهباز ۽ حمزه سان ملاقات، نواز شريف کي فون

لاهور (ويب ڊيسڪ) اپوزيشن ليڊر شهباز شريف ۽ سندس ڪٽنب خلاف مني لانڊرنگ ڪيس ۾ جوابدارن مٿان فرد جرم لاڳو ڪرڻ جو فيصلو، لاهور جي احتساب عدالت ٻڌڻي 11 نومبر تائين ملتوي ڪري ڇڏي، فرد جرم لاڳو ڪرڻ لاءِ شهباز شريف سوڌو ٻين جوابدارن کي ايندڙ ٻڌڻي تي پيش ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو، ٻڌڻي دوران شهباز شريف ۽ حمزه شهباز کي بڪتربند گاڏي ۾ ويهاري عدالت پهچايو ويو، ڪيس ۾ سلطاني شاهدن جي بيانن جون ڪاپيون شهباز شريف سوڌو ٻين جوابدارن حوالي ڪيون ويون، ٻڌڻي دوران شهباز شريف چيو ته کيس بڪتربند گاڏي ذريعي عدالت نه آندو وڃي، بڪتربند گاڏي ۾ رستي تي ڌڪ لڳن ٿا ۽ چيلهه جو سور وڌي ٿو، سلطاني شاهدن جي بيان ۾ ته منهنجو نالو ئي موجود نه آهي، عدالت شهباز شريف سان مخاطب ٿيندي چيو ته نالو نه آهي ته توهان کي فائدو ٿيندو. مريم نواز عدالت پهچي پنهنجي چاچي شهباز شريف ۽ حمزه شهباز سان ملاقات ڪئي ۽ فون تي ميان نواز شريف سان ڳالهه ٻولهه به ڪرائي.

ميان نواز شريف سندن همت جي تعريف ڪندي چيو ته ظلم ختم ٿيڻ وارو آهي، ڪوڙن ڪيسن مان باعزت بري ٿينداسين. بعد ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي مريم نواز چيو ته م ۽ ش ليگ جون ڳالهيون ڪندڙن کي جواب ملي ويو آهي ته م، ش ۽ ن سڀ گڏ آهن ۽ ڪيترن سالن کان ٽٽڻ جون ڳالهيون ڪندڙن ڪم ظرف ماڻهن کي جواب ملي ويو آهن.

پهنجو تبصرو موڪليو