منشيات فروشن خلاف ڪاروائي 2 ڄڻا گرفتار

ٺٽو(ڊر)ايس ايس پي ٺٽو ڊاڪٽر عمران خان جي خاص ھدايتن تي جھمپير پوليس پاران ڏوھارين ۽ منشيات فروشن خلاف سخت ڪاروايون جاري آھن. وڏي تعداد ۾ ڪچو شراب ھٿ ڪري ٻن منشيات فروشن کي گرفتار ڪري ڪيس داخل ڪري ورتو آھي. ان سلسلي ۾ ايس ايڇ او جھمپير محمد عثمان شر پنھنجي عملي سان گڏ جھمپير شھر ڀرسان ھڪ ڪچي شراب ٺري جي بٺي تي ڪامياب ڇاپو ھڻي ٻن منشيات فروشن پنھون ماڇي ۽ غلام نبي ماڇي کي 27 ٿيلھيون ۽ 90 ليٽر ڪچي شراب ٺري سميت گرفتار ڪري مٿن جھمپير ٿاڻي تي گناھ نمبر 24/2021 قلم 3/4 تحت ڪيس داخل ڪري کين جيل موڪلي ڇڏيو آھي

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو