منشيات فروشن جو پوليس چوڪي سامهون صحافي تي حملو

شيخ ڀرڪيو (ن سنڌيار) سينئر صحافي ۽ سنڌيار جي رپورٽر مظفر علي بروهي تي منشيات فروشن حملو ڪري کيس زخمي ڪري ڇڏيو.هڱورا پوليس پوسٽ تي پوليس اهلڪارن جي سامهون منشيات فروش امان چانڊيو پوليس سپاھي شوڪت لغاري ۽ سندن ساٿين حملو ڪري لٺيون هنيون. مظفر بروهي منشيات فروشن خلاف خبرون هلائيندو رهيو آهي. مقامي صحافين پاران حملي جي مذمت ڪندي ايس ايس پي کان مطالبو ڪيو آهي ته حملي آورن کي گرفتار ڪيو وڃي.

پهنجو تبصرو موڪليو