منشيات جي عادي ماڻھن جي بحالي لاءِ ادارا ٺاھڻ جو فيصلو

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) چيف سيڪريٽري سنڌ سيد ممتاز علي شاھ جي صدارت ھيٺ منشيات جي عادي ماڻھن جي بحالي بابت اجلاس ٿيو ويو، اجلاس ۾ منشيات جي عادي ماڻھن جي بحالي بابت ادارا ٺاھڻ جو فيصلو، ھي ادارا پبلڪ پرائيويٽ پارٽنرشپ جي ذريعي ھلايا ويندا، سنڌ حڪومت پاران فنڊ سميت ٻيون سھولتون ڏنيو وينديون جڏھن ته پرائيويٽ ادارا مينيجمينٽ سنڀاليندا، چيف سيڪريٽري پاران ڊائريڪٽر پبلڪ پرائيويٽ کي ضروري ڪاغذ ٺاھڻ جي ھدايت ڪئي وئي آھي، ممتاز علي شاھ جو چوڻ آھي تھ منشيات جي عادي ماڻھون به سماج جو حصو آھن انھن جي بحالي تي به توجه ڏني ويندي، منشيات جي عادي ماڻھن جي بحالي سان اسٽريٽ ڪرائيم تي قابو پائڻ ۾ مدد ملندي، پھرين کان موجود ادارن کي ھڪ جھڙو علاج ۽ ٽيڪنيڪل ڪورس ڪرائڻ تي پابند ڪيو ويندو، انھن بحالي واري ادارن کي سندھ هيلٿڪيئر ڪميشن جي تحت رجسٽرڊ ڪيو ويندو، منشيات جي عادي ماڻھن کي ٽيڪنيڪل ڪورس ڪرايو وڃي ٿو پر بيروزگاري سبب ٻيھر نشي جي طرف اچن ٿا، اجلاس ۾ ڪمشنر ڪراچي، ايڊيشنل آئي جي اسپيشل برانچ، سيڪريٽري صحت، سيڪريٽري سوشل ويلفيئر ۽ ٻين شرڪت ڪئي.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو