مندر ۾ ڀڃ ڊاهه ڪندڙن کي گرفتار ڪريو، چيف جسٽس

اسلام آباد (بيورو رپورٽ) سپريم ڪورٽ ۾ چيف جسٽس گلزار احمد ۽ جسٽس قاضي امين تي ٻڌل ٻه رڪني بئنچ صادق آباد ۾ مندر جي ڀڃ ڊاهه بابت ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي، پنجاب حڪومت طرفان رپورٽ عدالت ۾ پيش ڪئي وئي، ان موقعي تي چيف جسٽس ريمارڪس ڏنا ته پوليس 8ورهين جي نينگر کي گرفتار ڪري ان جو جڊيشل ريمانڊ ورتو آهي، ڇا ايس ايڇ او کي علم نه هو ته اهو نينگر آهي جنهن کي هو گرفتار ڪري رهيو آهي، ايس ايڇ کي معطل ڪيو وڃي، چيف جسٽس چيو ته پوليس واري کي معطل ڪرڻ سان ڪجهه نه ٿيندو، معطلي کانپوءِ رڳو ان جي مٿان واري ڪمائي بند ٿي ويندي، 8سال جي نينگر کي ڪهڙي خبر ته هو هندو آهي يا مسلمان؟ عدالت واقعي ۾ ملوث سمورن جوابدارن کي گرفتار ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو، شرپسندي لاءِ اڪسائيندڙن خلاف به ڪارروائي ڪئي وڃي، مندر جي بحالي جو خرچ به جوابدار کان وصول ڪيو وڃي ۽ يقيني بڻايو وڃي ته ٻيهر اهڙو واقعو ٻيهر پيش نه ايندو، سپريم ڪورٽ پاران ڪمشنر رحيم يار خان جي ڪارڪردگي تي عدم اطمينان جو اظهار ڪندي عدالت ڪيس جي ٻڌڻي 13آگسٽ تائين ملتوي ڪندي اڳڀرائي رپورٽ پيش ڪرڻ جو حڪم ڏنو.  

پهنجو تبصرو موڪليو