ممتاز ڀٽو جو مڙهه مٽيءَ ماءُ حوالي، مڪمل تصويري جهلڪيون

ميرپور ڀٽو(خصوصي رپورٽ) بزرگ سياستدان، قومپرست اڳواڻ، پاڪستان تحريڪ انصاف جي اڳواڻ، ڏهيسرِ سنڌ مرحوم سردار ممتاز علي خان ڀٽو جو مڙهه آلين اکين سان مٽيءَ ماءُ حوالي ڪيو ويو. ممتاز علي خان ڀٽو گذريل ڏينهن آچرتي ڪراچيءَ جي نجي اسپتال ۾ 87 سال 7 مهينا 20 ڏينهن جي ڄمار ۾ دم ڌڻيءَ حوالي ڪيو هيو.

Photo Sindhyar

جنهن جو مڙهه اڄ سومر ڏهاڙي صبح جو سندس ڪراچي واري رهائشگاهه کان سندس جي ننڍي فرزند نوابزاده علي حيدر خان ڀٽو، آصف بيگ محمد، غلام قادر شاهه ڄاموٽ ۽ مجيب صاحب جي نگرانيءَ ۾ ايمبولينس ذريعي سندس اباڻي ڳوٺ ميرپور ڀٽو آندو ويو.

Photo Sindhyar

ان کان اڳ لاڙڪاڻو ۽ دادو ضلعن جي دنگ ڌامراهه واهه تي سوين گاڏين ۾ سوار پارٽي ورڪر، عهديدار ۽ چاهيندڙ ميت سان گڏ ميرپورڀٽو پهتا، ميت کي سڌو حويليءَ نيو ويو، جنهن بعد سندس جي جنازي نماز سردار ممتاز علي خان ڀٽو جي وڏي نياڻي سائين غلام قادر شاهه ڄاموٽ آف مٽياري پڙهائي. جنهن ۾ مختلف مڪتبه فڪر سان تعلق رکندڙ شخصيتن، سياسي، سماجي، مذهبي اڳواڻن، اديبن، وڪيلن، پارٽي جي ورڪرن، اڳواڻن، همدردن شرڪت ڪئي.

Photo Sindhyar

جن ۾ جونيئر ذوالفقار علي ڀٽو، سردار اظهر خان ڪماريو، ايم پي اي محمد اسلم ابڙو، راشد محمود سومرو، ڊاڪٽر صفدر علي عباسي، معظم علي عباسي، ايڊووڪيٽ آصف سومرو، سيد حسن محمود شاهه امروٽي، رئيس عبدالنبي خان جمالي، الهورايو سومرو، ڊاڪٽر روشن علي پيچوهو، ارشاد خان جوڻيجو، اياز ڀاڳت، سرائي محمد صالح لاکو، ڊاڪٽر نورالدين ڀٽو، رئيس بشير احمد چولياڻي، ايڊووڪيٽ عبدالصمد بجاراڻي، ڊاڪٽر جڳ مال، شاهنواز خان ٽالپر، پير الهڏنو شاهه جيلاني، مير محسن ٽالپر، مير پنهل خان ٽالپر، مير مٺل خان ٽالپر، اڳوڻو وفاقي وزير شاهد خان ڀٽو، سردار عامر خان ڀٽو، عبدالصمد خان ڀٽو، اشفاق خان ڀٽو، فقير عنايت هيسباڻي، محمد پريل ٻگهيو، غلام مصطفيٰ مري، سردار ذوالفقار  خان ڪماريو، لياقت پنهور، مولائي احمد علي لاکو، سردار علي گوهر خان مهر، غوث بخش خان مهر، رئيس غلام رسول چانڊيو، حيدر شاهاڻي، گلزار سومرو، نصرت چنا، ڏاڏو عمراڻي، سردار علي نواز خان گهانگهرو وڪيل، علي انور خان گهانگهرو، غلام رسول ناريجو وڪيل، ڊاڪٽر مڪيش ڪمار، ڊاڪٽر چيتن ڪمار، جهنڊو فقير، مير مظفر ٽالپر، شاهنواز خان لنڊ، سائين جي ايم سيد جو پوٽو سيد ڊاڪٽر ضياء شاهه، سيد سرويچ مرتضيٰ، روشن ڪلهوڙو، محمود ڀٽو، رئيس ڪريم چانڊيو، فقير خليل ڪنڀار، ولي جماري وڪيل، ڊاڪٽر رستم ڀٽو، ڊاڪٽر آفتاب ڀٽو، مير مولا بخش کوسو، رئيس عطاءُ الله ڀٽو، بشير احمد مزاري، لالا احمد خان پٺاڻ، عبدالرزاق چاچڙ، شير خان کوسو، مشتاق احمد ميمڻ، رئيس عبدالصمد بروهي، هوت ميرالي، دريا خان راڄپر، اعجاز احمد ڀٽو، ميان خير دين انڍڙ سميت هزارين ماڻهن شرڪت ڪئي. ڪورونا وائرس کان بچاءَ لاءِ ايس او پيز کي مدِنظر رکندي ماڻهن کي ٻن وڏين اسڪرينن ذريعي آخري ديدار ڪرايو ويو.

Photo Sindhyar

ان موقعي تي حڪومت طرفان جاري ڪيل ڪورونا ايس او پيز تي عملدرآمد ڪندي سيڪيورٽي جا انتظام پڻ سخت ڪيا ويا هئا، ماڻهن کي سنيپ چيڪنگ بعد ڇڏيو ويو. جنازي نماز بعد مرحوم نواب سردار ممتاز علي خان ڀٽو جو مڙهه سندس طرفان حياتيءَ ۾ جوڙايل مقبري اندر هزارين سڏڪن ۽ لڙڪن سان مٽيءَ ماءُ حوالي ڪيو ويو.

Photo Sindhyar

سردار ممتاز علي ڀٽو پونئرن ۾ ٻه پٽ نوابزاده امير بخش خان ڀٽو، نوابزاده علي حيدر خان ڀٽو، ٻه نياڻيون ۽ هڪ بيواهه سوڳوار ڇڏيا آهن. سندس جو تڏو اباڻي ڳوٺ ميرپور ڀٽو ۾ وڇايو ويو آهي، جتي سندس جي پونئرن سان تعزيت جو سلسلو جاري آهي.

Photo Sindhyar

نواب سردار ممتاز علي خان ڀٽو جي وفات جي خبر ملڪ ۾ جهنگ جي باهه جيان پکڙجي وئي، سندس جي رهائشگاهن ڪراچي، ميرپور ڀٽو ۽ لاڙڪاڻي ۾ سڄي ملڪ مان فونيون ڪري نواب صاحب جي وفات جي تصديق ڪرڻ سان گڏ ڏک ونڊڻ جو سلسلو جاري رهيو. مرحوم جو ٽيجهو اڱاري تي ميرپور ڀٽو ۾ ٿيندو، صبح جو 11 بجي قرآني خواني ۽  دعاء خير بعد خيرات في سبيل الله جي ماني تقسيم ڪئي ويندي ۽ تڏو پڻ کنيو ويندو. جڏهن ته پڳ جي رسم چاليهي تي ادا ڪئي ويندي.

ممتاز ڀٽو جو مڙهه مٽيءَ ماءُ حوالي، مڪمل تصويري جهلڪيون” هڪ تبصرو

پهنجو تبصرو موڪليو