ملڪ ۾ ڪورونا سبب وڌيڪ 120 مريض فوت

اسلام آباد( رپورٽ الله وسايو گهوٽو)ملڪ ۾ ڪورونا وائرس سبب  وڌيڪ 120 ڄڻا فوت ٿي ويا جڏهن ته 4 هزار کان وڌيڪ ڪيسز رپورٽ ٿيا.نيشنل ڪمانڊ اينڊ آپريشن سينٽر پاران جاري ڪيل انگن اکرن موجب گذريل 24 ڪلاڪن دوران 48 هزار 103 ڪورونا ٽيسٽ ڪيا ويا جنهن کانپوءِ مجموعي ٽيسٽن جو انگ 12لک14هزار993 ٿي ويو آهي.گذريل 24 ڪلاڪن دوران پوري ملڪ ۾ وڌيڪ 4 هزار 109 مثبر ڪيسز رپورٽ ٿيا آهن، اهڙيءَ طرح پاڪستان ۾ تصديق ٿيل مريضن جو انگ 8لک54هزار240 ٿي ويو آهي. سرڪاري انگن اکرن موجب هن وقت تائين سنڌ ۾ 2 لک 90 هزار 756، پنجاب ۾ 3 لک 16 هزار 334، خيبرپختونخواهه ۾ هڪ لک 23 هزار 150، اسلام آباد ۾ 77 هزار 684،بلوچستان ۾ 23 هزار 186، آزاد ڪشمير ۾ 17 هزار 763 ۽ گلگت بلتستان ۾ 5 هزار 967 ماڻهن ۾ ڪورونا وائرس جي سڃاڻپ ٿي.

پهنجو تبصرو موڪليو