ملڪ نه ڇڏيو، افغانستان ۾ جمعي نماز جي خطبن ۾ اپيل

ڪابل(ويب ڊيسڪ) طالبان جي ڪنٽرول کانپوءِ اڄ پهريون جمعو ادا ڪيو ويو ، جنهن ۾ مسجد جي امامن کي هدايت ڪئي وئي ته شهرين کي ملڪ نه ڇڏڻ جي تلقين ڪن. غير ملڪي خبر ايجنسي جي رپورٽ موجب طالبان ڪابل ۾ مبلغن کي پيغام موڪليا ته مسجدن جا امام ڪابل ۽ ملڪ جي سمورن صوبن ۾ اسلامي حڪم ۽ اتحاد کي فروغ ڏيڻ لاءِ ڪم ڪن. طالبان جي پيغام ۾ مبلغن تي زور ڀريو ويو ته اهي شهرين کي ملڪ ۽ قوم جي ترقي ۾ حصو وٺڻ جي حوصلا افزائي ڪن ۽ انهن کي ملڪ ڇڏڻ  کان روڪين

پهنجو تبصرو موڪليو