ملڪ جي 29 شهرن جي جر جو پاڻي صحت لاءِ هاڃيڪار آهي، شبلي

اسلام آباد (بيورو رپورٽ) سائنس ۽ ٽيڪنالاجي واري وزير شبلي فراز چيو آهي ته سنڌ جي 8 شهرن سميت  ملڪ جي 29 وڏن شهرن ۾ جر جو پاڻي پيئڻ جوڳو ناهي ۽ صحت لاءِ هاڃيڪار آهي. اهڙو اظهار هن قومي اسمبلي ۾ سوالن جوابن جي سيشن دوران پيپلزپارٽي جي ميمبر مسرت رفيق مهيسر جي سوال جو جواب ڏيندي ڪيو. هن ٻڌايو  ته پاڪستان ڪائونسل آف ريسرچ  ان واٽر ٽيسٽنگ  ’پي سي آر ڊبليو آر‘ 2001ع کان بهاولپور سميت پاڪستان جي وڏن شهرن جي پيئڻ جي پاڻي جي معيار جي نگراني ڪري رهيو آهي، 2020ع ۾ بهاولپور جي پاڻي جي جائزي وٺڻ لاءِ 24 مختلف هنڌن تان پاڻي جا نمونا حاصل ڪيا ويا، 76 سيڪڙو پيئڻ جو پاڻي غير محفوظ ثابت ٿيو، ان ۾ 28 سيڪڙو سينکيو يعني آرسينڪ، 36 سيڪڙو آئرن فلورائيڊ ۽ بيڪٽريا 20 سيڪڙو ظاهر ٿيا، آرسينڪ صحت لاءِ هاڃيڪار ڪيميائي آلوده مادو آهي.

Photo website PCRWR

جيڪو بهاولپور شهر جي جر جي پاڻي جي ورتل 24 نمونن مان 7 نمونن ۾ ظاهر ٿيو، آرسينڪ واري پاڻي جي استعمال سان صحت جي حوالي سان پيچيدگيون پيدا ٿينديون آهن، جنهن جي پهرين علامت عام طور تي جسم جي چمڙي تي واضح ٿئي ٿي، جنهن سان چمڙي جو رنگ خراب ٿيڻ، زخم ۽ هٿن توڙي پيرن هيٺان نشان پيدا ٿي ويندا آهن، ان بعد اهو پاڻي مسلسل استعمال ڪرڻ سان ڪينسر به ٿي سگهي ٿو، آرسينڪ واري پاڻي جو گهڻو استعمال ٿيڻ سان مثاني ۾ ڦڦڙن جو ڪينسر به ٿيندو آهي، هن ٻڌايو ته 2020-21ع ۾ ملڪ جي ٻين 28 شهرن جي پاڻي جي معيار جي چڪاس سان معلوم ٿيو ته 39 سيڪڙو پاڻي جراثيمن ڪري آلوده هو، 8 سيڪڙو پاڻي ۾ آرسينڪ، 4 سيڪڙو ۾ نائٽريٽ ۽ 4 سيڪڙو ۾ فلورائيڊ وغيره موجود هئا، 29 وڏن شهرن جي ڪيل پاڻي جي تجزيي مان رڳو 38 سيڪڙو کان وڌيڪ پيئڻ جو پاڻي محفوظ ظاهر ٿيو، اسلام آباد جي مختلف علائقن مان 24 ورتل نمونن مان 38 سيڪڙو غير محفوظ پاڻي ظاهر ٿيو، بهاولپور جي 24 نمونن مان 76 سيڪڙو، فيصل آباد جي 22 نمونن مان 59 سيڪڙو، گجرانوالا جي 14 نمونن مان 50 سيڪڙو، قصور جي 10 نمونن مان 10 سيڪڙو، لاهور جي 16 نمونن مان 31 سيڪڙو، ملتان جي مختلف علائقن مان ورتل 16 نمونن مان 94 سيڪڙو، راولپنڊي جي 13 نمونن مان 38 سيڪڙو، سرگوڌا جي ورتل 24 نمونن مان 83 سيڪڙو، شيخوپوره جي 11 نمونن مان 55 سيڪڙو، ايبٽ آباد جي 11 نمونن مان 55 سيڪڙو، مينگورا جي 10 نمونن مان 20 سيڪڙو، مردان جي 11 نمونن مان 45 سيڪڙو، پشاور جي 12 نمونن مان 58 سيڪڙو، خضدار جي 11 نمونن مان 55 سيڪڙو، لورالائي جي 13 نمونن مان 54 سيڪڙو، ڪوئيٽا جي 38 نمونن مان 63 سيڪڙو، زيارت جي 11 نمونن مان 45 سيڪڙو پاڻي غير محفوظ ظاهر ٿيو، جڏهن ته سنڌ صوبي جي شهر حيدرآباد جي مختلف علائقن مان ورتل 15 نمونن مان 80 سيڪڙو، ڪراچي مان ورتل 28 نمونن مان 93 سيڪڙو، سکر مان ورتل 9 نمونن مان 67 سيڪڙو، بدين مان ورتل 12 نمونن مان 92 سيڪڙو، ميرپور خاص مان ورتل 12 نمونن مان 100 سيڪڙو، ٽنڊو الهيار مان ورتل 14 نمونن مان 57 سيڪڙو، شهيد بينظير آباد مان ورتل 13 نمونن مان 100 سيڪڙو پاڻي غير محفوظ ظاهر ٿيو، دادو ضلعي جي پاڻي بابت سال 2018ع ۾ ورتل جائزي ۾ معلوم ٿيو ته 89 سيڪڙو دادو ضلعي جو پاڻي جراثيمن وارو آلوده آهي، جڏهن ته آزاد ڪشمير جي مظفر آباد مان ورتل 10 نمونن مان 70 سيڪڙو، گلگت مان ورتل 10 نمونن مان 100 سيڪڙو پاڻي آلوده ظاهر ٿيو، مسرت رفيق مهيسر چيو ته شهرين کي اهڙو آلوده پاڻي ملي رهيو آهي ته وفاقي حڪومت صاف پاڻي جي فراهمي لاءِ ڪهڙا قدم کڻي رهي آهي؟

Photo website PCRWR

واري سوال جو جواب ڏيندي سائنس ٽيڪنالاجي جي وفاقي وزير شبلي فراز چيو ته خراب پاڻي جي استعمال سان بيماريون پکڙجڻ ڳڻتي جوڳو عمل آهي، اسان جي وزارت جي ماتحت پاڻي تي ريسرچ ڪرڻ جو ادارو آهي، ميمبر جيترو آلوده پاڻي جو خدشو ظاهر ڪيو آهي ان کان تمام گهڻو آلوده پاڻي جي صورتحال آهي، جيڪو صحت تي انتهائي خراب اثر ڪري ٿو، ان سان ڪينسر به ٿي سگهي ٿي، هن چيو ته ارڙهين آئيني ترميم کان پوءِ پاڻي جو مسئلو صوبائي آهي، اسان جي اداري جو ڪم ريسرچ ڪرڻ ۽ صوبائي حڪومتن کي صورتحال کان آگاهه ڪرڻ آهي، هن چيو ته ڪي پي ڪي ۽ پنجاب صوبي ان حوالي سان بهتر ڪم ڪيو آهي، انهن قانون منظور ڪيو آهي، جنهن تحت سال ۾ هڪ ڀيرو پيئڻ جي پاڻي جي چڪاس ڪرڻ کي قانوني طور تي لازمي قرار ڏنو ويو آهي، باقي صوبن کي به اهڙا قانونن منظور ڪرڻ گهرجن، جنگي بنيادن تي اهو ڪم ٿيڻ گهرجي، هر شخص منرل واٽر نه ٿو واپرائي سگهي.جڏهن ته قومي اسيمبلي ۾ پيش ڪيل رپورٽ ۾ ٻڌايو ويو آهي ته سيالڪوٽ ۽ گجرات مان 9-9 پاڻي جا مختلف علائقن مان نمونا ورتا ويا، جنهن مان ڪنهن به علائقي جو پاڻي صحت لاءِ هاڃيڪار ظاهر نه ٿيو آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو