ملڪ جي مختلف حصن ۾ زلزلو، ماڻهن ۾ خوف و حراس

اسلام آباد (بيورو رپورٽ) پاڪستان ۾ 6.4 جي شدت جو شديد زلزلو محسوس ڪيو ويو آهي جنهن بعد ماڻهن ۾ خوف و حراس ڇانئجي ويو. پاڪستاني وقت مطابق 3.39 تي زلزلو آيو جيڪو خوفناڪ هو ۽ پارليامينٽ هائوس، فارين آفيس، مختلف آفيسن ۽ گهرن مان ماڻهو خوف وڄان ٻاهر نڪري آيا. وفاقي دارالحڪومت اسلام آباد سان گڏوگڏ راولپنڊي، لاهور، پشاور ۾ زلزلي جا جهٽڪا محسوس ڪيا ويا آهن. ان کان علاوه گلگت بلتستان، مانسهره، بٽ گرام، چنيوٽ، چارسده، هنگو، ايبٽ آباد ۾ به شديد زلزلو محسوس ڪيوويو ۽ ماڻهو گهرن، دفترن ۽ عمارتن کان ٻاهر نڪري قرآني آيتن ۽ ڪلمه طيب جو ورد شروع ڪيو. موسميات کاتي موجب زلزلي جي شدت ريڪٽر اسڪيل تي 6.4 ريڪارڊ ڪئي وئي ۽ ان جو مرڪز افغانستان جي صوبي بدخشان ۾ هو. آمريڪي زلزلي پيما اداري موجب زلزلي جي شدت 6.1 هئي.

زلزلو محسوس ڪرڻ بعد ماڻهن ۾ خوف و حراس ڇانئجي ويو. ابتدائي اطلاعن مطابق اها ڳالهه سامهون آئي آهي ته زلزلي جي گهرائي 210 ڪلوميٽر هئي جڏهن ته هڪ انڊپينڊنٽ ايجنسي اي ايم ايس سي رپورٽ ڪيو آهي ته هندوڪش ريجن ۾ به شديد زلزلو آيو آهي ان کان علاوهه ڀارتي ميڊيا به رپورٽ ڪيو آهي ته دهلي ۽ ڀارت جي اترين علائقن ماٿورا، لکنو ۾ زلزلو آيو آهي جڏهن ته والاريل ڪشمير ۾ به زلزلي جا جهٽڪا محسوس ڪيا ويا. هي زلزلو ٽن ملڪن افغانستان، پاڪستان ۽ انڊيا جي مختلف شهرن ۾ آيو آهي. فوري طور جاني ۽ مالي نقصان جو پتو ناهي پئجي سگهيو. ياد رهي ته 2005 ۾ 7.6 شدت جو زلزلو آيو هو جنهن ۾ 86 هزار کان وچيڪ ماڻهو پاڪستان ۾ مري ويا هئا.

پهنجو تبصرو موڪليو