ملڪ تي خاص طبقي جي حڪومت قبول ناهي، فضل/ نواز

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر)پاڪستان ڊيموڪريٽڪ موومينٽ جي سربراهه مولانا فضل الرحمان چيو ته هيءَ ناجائز حڪومت آهي، دنيا کي ٻڌائڻ چاهيون ٿا ته ملڪ ۾ هڪ خاص طبقي جي حڪومت آهي جيڪو قبول نه ڪنداسين. هن چيو ته جعلي حڪمرانن کي عوامي مينڊيٽ حاصل ناهي، سندن پٺڀرائي ڪندڙ ڌريون غلط ڪري رهيون آهن، اُٿو، انقلاب آڻيو، انقلاب کانسواءِ ٻيو ڪو رستو ناهي. ڪراچي ۾ پي ڊي ايم جي جلسي سان خطاب ڪندي مولانا فضل الرحمان چيو ته حڪمرانن جي نااهلي سبب غريب عوام جو جيئڻ جنجال ٿي ويو، محرم جو مهينو آهي يزيد جي هٿ تي بيعت نه ڪنداسين.عمران خان پاڪستاني معيشت کي تباهه ڪري ڇڏيو، مهانگائي چوٽ چڙهي وئي آهي، ڪمزور معيشت تي ڪامياب پرڏيهي پاليسي نٿي ٺاهي سگهجي، اڄ پاڪستان اڪيلو ٿي ويو آهي، حڪمرانن ڪشمير ان مودي کي کپائي ڇڏيو، جيڪو عمران خان جي فون کڻڻ لاءِ تيار ناهي، اهڙي صورتحال ۾ خاموش تماشائي نٿا ويهي سگهون. هنن ٽن سالن ۾ ملڪ کي غير محفوظ بڻائي ڇڏيو آهي. هن چيو ته ڇا پاڪستان ان لاءِ حاصل ڪيو ويو هو ته ڪجهه ماڻهو عياشي ڪن؟ عمران خان کان اڏا گهريا ڪنهن آهن؟ عمران خان ڪڏهن ڪڏهن ڏيکاءَ لاءِ آمريڪا خلاف هڪ ٻه لفظ ڳالهائي وٺندو آهي، ڪنهن خاص طبقي کي سياست ۾ مداخلت جي اجازت نه ڏينداسين، اهڙن حڪمرانن جي پٺڀرائي ڪندڙن جو به مقابلو ڪرڻو آهي، آئين ۽ پارليامينٽ جي بالادستي ۾ ملڪ کي هلائڻو آهي. سندس چوڻ هو ته ڪورونا سبب پي ڊي ايم جلسن جو سلسلو رڪجي ويو هو، هاڻ رڳو جلسا نه روڊ ڪاروان به هلندا، قوم کي چوان ٿو مايوسي ڏانهن ناهي وڃڻو، اسلام آباد ڏانهن مارچ ٿيندو.

Nawaz Sharif address PDM Karachi

ميان نواز شريف جلسي کي خطاب ڪندي چيو ته پاڪستان عالمي طور اڪيلو ٿي ويو آهي، هڪ ليڊر فون ڪري نٿو ٻيو کڻي نٿو. حڪومت تي تنقيد ڪندي هن چيو ته 2018 جي چونڊ چورائي هنن حڪمرانن کي آندو ۽ پاڪستان جي خوشحالي جو رستو روڪيو. هن چيو ته نيب ۽ عدالتن تي ديٻاءُ وجهي پانامه جهڙن معاملن ۾ چونڊيل وزيراعظم کي برطرف ڪيو ويو. مون ۽ مريم 150 پيشيون ڀوڳيون، شهباز شريف، شاهد خاقان عباسي ۽ ٻين ساٿين جيل ڀوڳيو، هي انتقام آهي. جسٽس شوڪت صديقي کي چيائون ته نواز شريف جي سزا برقرار رکو نه ته محنت ضايع ٿي ويندي، هي اهي ماڻهو هئا جن چونڊون چورايون. هن فوجي اڳواڻڻ تي تنقيد ڪندي چيو ته هي وڏيون پگهارون، پينشن ۽ مراعات وٺن ٿا پر عوام بک ٿو مري انهن لاءِ ڪو نٿو سوچي. هن چيو ته جن جو ڪم سياست ڪرڻ ناهي، حڪومت هلائڻ ناهي اهي هي ڪم ڪري رهيا آهن، حڪومتون ٺاهن ۽ ڊاهن ٿا. هنن رياست اندر پنهنجي رياست ٺاهي آهي، اهو برداشت نه ڪنداسين. نواز شريف چيو ته هنن کي حوصلو ناهي منهنجون ڳالهيون نٿا ٻڌي سگهن، ٽي وي بند ڪندا آهن، منهنجو آواز دٻائي نٿا سگهن، اسانکي ايندڙ نسل لاءِ بهتر پاڪستان پڏڻ لاءِ گڏجي ڪم ڪرڻو پوندو.

Shahbaz Sharif address PDM Rally Karachi

 ميان شهباز شريف جلسي کي خطاب ڪند يچيو ته نواز شريف ڪراچي ۾ ورهين کان جاري بدامني ختم ڪئي ۽ هاڻي ڪراچي ۾ ٻوري بند لاش نٿا ملن، هن ڪٺپتلي حڪمرانن عوام جو جيئڻ جنجال ڪري ڇڏيو آهي هنن کي هٽائڻ لاءِ اسلام آباد هلڻو پوندو. ڪراچي پيڪيج جو اعلان ڪيو پر عمل نه ڪيو.

پهنجو تبصرو موڪليو