ملڪي معيشت کي تباهيءَ تائين پهچائيندڙ حڪمران!

ليکڪ  ايڊووڪيٽ عبيدالله ڇڄڻ

انسان جي خدمت ڪرڻ هڪ اهڙو عمل آهي جو زندگي جي ڪنهن به شعبي ۾ ان کي بنا ڪنهن مطلب جي ادا ڪجي ته ان سان نه رڳو معاشري ۾ بي پهچ ۽ لاچار ماڻهن کي تڪليفن کان دور ڪري سگهجي ٿو ته آخرت ۾ به الله تعاليٰ ان جي ڀلائي عطا فرمائيندو. انسان ڀلي ڪنهن به عقيدي، مذهب ۽ مسلڪ سان تعلق رکندڙ هجي، انساني خدمت جو اجر ملڻ کان محروم نٿو رهي سگهي. ساڳئي وقت هن دنيا جي زندگي ۾ عزت، دولت به ملي ٿي، يعني عبادت سان جنت حاصل ڪري سگهجي ٿي ته انساني خدمت سان رب جي رضا پڻ ماڻي سگهجي ٿي ۽ جنهن کي رب ۽ ان جي رضا ملي وڃي ته ان کان وڌيڪ ٻي ڪهڙي خوش نصيبي ٿي سگهي ٿي.

پوري دنيا سان گڏ اسان جي ملڪ ۾ به موجوده معاشي صورتحال يقينن ڳڻتي جوڳي آهي، هونئن به ملڪ ۾ هر سطح تي ۽ هر شعبي ۾ جهڙي طرح بگاڙ ۽ زوال جو راڄ رهيو آهي. گذريل گهڻي وقت کان مالي ۽ معاشي لحاظ کان غريب ۽ مزدور طبقو متاثر ٿي رهيو آهي، اهڙي صورتحال ۾ حڪومت سان گڏ ملڪ جو شاهوڪار طبقو ايترو ته ڪري سگهي ٿو ته پنهنجي پنهنجي سطح تي انهن ماڻهن جي مالي مدد ڪري، جنهن لاءِ ڌڻي تعاليٰ جو به حڪم آهي ته حقوق العباد تحت انسانيت جي خدمت ڪرڻ گهرجي. غريبن ۽ يتيمن جي سار لهڻ گهرجي ته ڪٿي اهي بُک ۾ ته نه پيا سمهن؟ هونئن به اسان جي ملڪ ۾ تمام گهڻيون سماجي تنظيمون ۽ فلاحي ادارا آهن، جيڪي انساني خدمت جي نالي تي مشهور آهن، اهي نه رڳو نجي سطح تي فنڊ گڏ ڪن ٿيون بلڪه سرڪار کان به مالي معاونت حاصل ڪنديون آهن، ان جي باوجود حالت اها آهي جو پوري ملڪ خاص ڪري سنڌ اندر غربت سبب موت لامارا هڻي رهيو آهي، خاص ڪري جڏهن پاڻ اليڪٽرانڪ ميڊيا جي سامهون ويهون ٿا ته يقينن هر روز جي بنياد تي پوري سنڌ مان چئني طرفن کان بُک، بدحالي، بيروزگاري ۽ غربت جون دانهون ٻڌڻ ۾ اچن ٿيون. سنڌ جي چئني ڪُنڊن ۾ روزانو ڪيترائي ڳڀرو توڙي سنڌ جون غريب ۽ بيروزگار پڙهيل لکيل نياڻيون پنهنجن ٻچن کي بُک وچان دانهون ڪندي دلبرادشته ٿي انتهائي قدم کڻڻ تي مجبور ٿيون ٿي وڃن. هتي انتهائي افسوسناڪ صورتحال درپيش آهي، قتل رتوڇاڻ هجي، اغوا، ڦرون، چوريون، غريب بي پهچ ۽ بي سهارا ماڻهن سان ٿيندڙ ڏاڍ ۽ جبر هجي، انهن بي واجبين جي ڪا کوٽ نه آهي، صورتحال اهڙي نهج تي پهچي وئي آهي جو هتي اسان جي معاشري ۾ شل نه ڪو غريب هجي يعنيٰ ڏوهه ڪرڻ گناهه ناهي رهيو پر غريب هجڻ وڏو گناهه تصور ڪيو ٿو وڃي، ڏاڍ اڳيان شل نه ڪنهن سفيد پوشاڪ غريب جو ڪو غرض نڪري پئي، پوءِ اهو غريب ئي پنهنجي غربت کي پٽي ٿو، بس هن دنيا جو عجيب نظارا ڏسڻ وٽان آهن. اڄ جيڪي وفاقي حڪومت جون واڳون سنڀاري ويٺا آهن، تن ته انمول نعرا هڻي سبز خواب ڏيکاري اڄ پنهنجا پير ئي پوئتي ڪري هڪڙي ڳالهه تي بيٺا آهن ته اسين پرائين حڪومت جا قرض ۽ خسارا پيا ڀريون، باقي پوري ملڪ جي عوام ڇو نه پيٽ پالڻ خاطر هڪ ڳڀي لاءِ سِڪي مري وڃي ۽ هاڻ ته موجوده حڪمران غربت جو خاتمو به غريبن جي خاتمي سان ڪرڻ ٿا چاهين! گذريل ٽن سالن کان جيئن ئي وفاق اندر پي ٽي آئي جي حڪومت اقتدار ۾ آئي آهي، نه رڳو بيروزگاري پر گڏوگڏ مهانگائي جو جيڪو طوفان برپا ڪيو ويو آهي، تنهن گذريل حڪومت جو رڪارڊ ئي ٽوڙي ڇڏيو آهي. سڄي ملڪ جي مڙني صوبن اندر جيڪا مهانگائي، بک ۽ بدحالي آئي آهي، تنهن جو ته ڪو تاريخ ۾ مثال ئي نٿو ملي، پر پوءِ به تنهن هوندي عمران خان چوي ٿو ته ملڪ بهتري جي رستي تي هلي رهيو آهي، پر حقيقت اها آهي ته سنڌ اندر جيتريون به خودڪشيون ٿي رهيون آهن، انهن ۾ نه رڳو سنڌ حڪومت کي قصوروار قرار ڏبو پر گڏوگڏ وفاقي حڪومت به ڀاڱي ڀائيوار آهي. ايترو ئي نه بلڪه اڃا عيدالاضحيٰ آئي ناهي ته وفاقي حڪومت پيٽروليم مصنوعات جي اگهن ۾ وڏي پئماني تي واڌ ڪري مهانگائيءَ کي هٿ سان دعوت ڏني آهي.

وفاقي حڪومت، جنهن نئين مالي سال 22-2021ع جي بجيٽ کي عوام دوست ته قرار ڏنو ۽ اهي دعوائون به ڪيون ته موجوده حڪومت جي پيش ڪيل هيءَ بجيٽ عوام کي رليف ڏيندڙ آهي، پر افسوس ته ملڪ جي ڪمزور معاشي صورتحال، ٽئڪس اوڳاڙين ۾ گهٽتائي ۽ ناڪام پاليسين جي ڪري معاشي ماهرن توڙي عام ماڻهن کي ان سان ڪي خاص اميدون ناهن، گڏوگڏ اهو پڻ چيو ٿو وڃي ته بجيٽ عالمي مالياتي اداري آءِ ايم ايف جي شرطن موجب پيش ڪئي وئي آهي، غريب عوام کي بجيٽ وسيلي ڪو رليف ناهي ڏنو ويو. معاشي ماهرن موجب ڪنهن به ملڪ جي بجيٽ ان جي جي ڊي پي مطابق جوڙي ويندي آهي، ان جي آمدني ۽ خرچن جي تناسب جو جائزو ورتو ويندو آهي، غير ضروري خرچن کي گهٽ ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي ويندي آهي، پر تازو پيش ڪيل بجيٽ ۾ نه اهڙيون تجويزون شامل ڪيون ويون ۽ نه ئي عوام کي رليف ڏيڻ جا قدم نظر ٿا اچن. ان کانسواءِ ملڪ تي وڌندڙ قرضن جي بار به ڳڻتي ۾ وجهي ڇڏيو آهي، وزيراعظم عمران خان ته اڳوڻين حڪومتن طرفان کنيل قرضن جي جاچ لاءِ هڪ ڪميشن جوڙي هئي ۽ سندس چوڻ هو ته ملڪ ۾ معيشت جي تباهي جو سڀ کان وڏو ڪارڻ ٻاهريان قرض ۽ ان تي ادا ٿيندڙ وياج آهي، جنهن ملڪ ۾ نه خوشحالي اچڻ ڏني آهي، نه ترقي ٿي سگهي آهي ۽ نه ئي غربت ۾ گهٽتائي ٿي آهي.

وزيراعظم عمران خان جا عوام سان ڪيل واعدا رڪارڊ جو حصو آهن، پر ڪيڏانهن ويا 50 لک گهر غريب مسڪين ماڻهن کي ڏيڻ ۽ هڪ ڪروڙ نوڪريون ڏيڻ وارا بيان؟ حقيقت اها آهي ته موجوده حڪومت ملڪي تاريخ ۾ مهانگائي کي بلند ترين سطح تي پهچائي غريب ماڻهن کان جيئڻ جو حق به کسي ورتو آهي، گڏوگڏ سوال اهو به ٿو پيدا ٿئي ته بجيٽ خسارو، گردشي قرض ۽ عالمي مالياتي ادارن جا قرض ادا ڪرڻ لاءِ ڪهڙي حڪمت عملي اختيار ڪئي وئي آهي يا وري نوان قرض کنيا ويندا؟ ان ڳالهه تي افسوس ٿئي ٿو ته موجوده حڪومت به پنهنجي دعوائن جي ابتڙ اڳوڻين حڪومتن جيان قرض لاهڻ لاءِ وري قرض کڻڻ تي ڀاڙي رهي آهي، ڇا قرض وٺڻ جو اهو عمل اسان جي ملڪي معيشت هلائڻ لاءِ روايت بنائي وئي آهي، اڳ ئي ملڪ ۾ اٽي، کنڊ ۽ پيٽرول جا بحران پيدا ڪيا ٿا وڃن، مٿان وري بجيٽ به اهڙي پيش ڪئي وئي آهي، جنهن ۾ عوام کي ڪي به سهولتون ملندي نظر نٿيون اچن. آخر هن اقتصادي بحران جو ذميوار ڪنهن کي قرار ڏجي؟ موجوده حڪمران ته ان جي سڄي ذميواري اڳوڻين حڪومتن ۽ عالمي وبا ڪورونا وائرس کي قرار ڏي ٿي، پر ملڪ جي معاشي صورتحال ته گهڻي وقت کان خراب هئي ۽ جڏهن به نئين حڪومت اقتدار سنڀاليندي آهي ته معاشي صورتحال ويتر اڳ کان به خراب ٿي ويندي آهي، جيڪا اسان وٽ هڪ فرسوده روايت بڻجي چڪي آهي. بهرحال، ملڪ جي بدترين معاشي صورتحال ۽ پيٽروليم مصنوعات سميت ٻين عام استعمال ۾ ايندڙ شين جا اگهه وڌائڻ سان اها ڳالهه ڪنهن به طرح سان رد نٿي ڪري سگهجي ته عوام هاڻ موجوده حڪومت مان مايوس ٿي چڪو آهي، ڇوته موجوده حڪمرانن غربت، بيروزگاري ۽ مهانگائي کي روڪڻ لاءِ ڪابه اثرائتي حڪمت عملي اختيار ناهي ڪئي، نه ئي صنعتن جي بحالي، ڪورونا وائرس ۽ لاڪ ڊائون کان متاثر طبقي لاءِ به ڪنهن قسم جي رليف جو اعلان ڪيو ويو آهي، ڪاروباري برادري به مايوس ٿي آهي. ملڪ جي نوجوانن کي جيڪي اميدون هيون، انهن تي به تبديلي سرڪار پوري ناهي لٿي. تنهن ڪري موجوده حڪومت ايندڙ چونڊن ۾ عوام طرفان احتساب وٺڻ واري عمل لاءِ تيار ٿي وڃن.advocateubedullah@gmail.com

پهنجو تبصرو موڪليو