ملڪي استحڪام ڪنهن به قيمت تي خراب ڪرڻ نه ڏينداسين، باجوا

راولپنڊي (ويب ڊيسڪ) آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوا چيو آهي ته سڀني دشمن قوتن کي شڪست ڏئي ملڪ ۾ استحڪام آندو آهي جيڪو ڪنهن به قيمت تي خراب ٿيڻ نه ڏنو ويندو. اهڙو  اظهار هن پاڪ فوج جي ڪانڊوز جي هيڊ ڪوارٽر جي دوري وقت ڳالهائيندي ڪيو. آرمي چيف ايس ايس جي هيڊ ڪوارٽر جو ان وقت دورو ڪيو آهي جڏهن ايس ايس جي سان تعلق رکندڙ اڳوڻي آرمي چيف جنرل پرويز مشرف کي خصوصي عدالت موت جي سزا ٻڌائي ۽ ان بابت فوج پنهنجو سخت رد عمل ڏيندي چيو  هو ته مسرف غدار ناهي ۽ عدالت انصاف جي تقاضا پوري نه ڪئي وئي. آرمي چيف چيو ته ايس ايس جي وارا فوج جو فخر آهن ۽ انهن جون ملڪي دفاع لاءِ وڏيون قربانيون آهن.

پهنجو تبصرو موڪليو