ملتان جي زلمي کي شڪست، وهاب جا عجيب ڪپتاني انداز

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) ملتان سلطانز پشاور زلمي کي ميچ کٽڻ لاءِ 155 رنز جو ٽارگٽ ڏنو . زلمي جي سڄي ٽيم پاڪستاني رانديگرن سان ميچ کيڏندي ڪامران اڪمل ۽ امام الحق اننگ شروع ڪئي، ڪامران 7 بالن تي 2 رنز ٺاهيون ته محمد عرفان کيس ٻولڊ ڪري خطري جي گهنٽي وڄائي، امام الحق ڊگهي اننگ جي چڪر ۾ محطاط انداز اختيار ڪيو  ۽ 2 ڇڪا ۽ 4 چوڪا هڻي 41 رنز تي 52 رنز ٺاهي سهيل تنوير جي بال تي شان مسعود هٿان ڪيچ ٿيو، ڪپتان وهاب رياض شاداب جي ڪاپي ڪندي بيٽنگ ۾ قسمت آزمائڻ لاءِ ون ڊائون آيو پر 7 بالن تي 3 رنز ٺاهي معين علي کي ڪيچ ڏئي سهيل تنوير کي وڪٽ ڏئي جلدي موٽيو، عمر امين 4 چوڪا هڻي 23 بالن تي 29 رنز ڄاهي معين علي جي بال تي بولڊ ٿيو، جنهن بعد شعيب ملڪ ميدان تي لٿو جنهن ٻن ڇڪن ۽ هڪ چوڪي جي مدد سان 25 بالن تي 30 رنز اسڪور ڪيون ۽ علي شفيق جي بال تي شاهد آفريدي هٿان ڪيچ ٿيو.

حيدر علي ٽاپ آرڊر ۾ بهتر اسڪور ڪرڻ جي پوزيشن ٺاهي هئي پر کيس بالرز جي ٽرن ۾ موڪليو ويو ۽ هو  علي شفيق جي بال تي 4 بالن تي هڪ رن ٺاهي معين علي هٿان ڪيچ ٿيو. جنهن بعد حماد آيو ۽ هڪ چوڪو هڻي 5 بالن تي 7 رنز ٺاهي سهيل تنوير جي بال تي ذيشان اشرف هٿان ڪيچ ٿيو، عادل امين ۽ حسن علي وڪٽ تي هئا هڪ بال تي 4 رنز گهربل هيون پر هو هڪ رن ٺاهي سگهيا ۽ دلچسپ مقابلي بعد ملتان سلطان 3 رنز تان ميچ کٽي ورتي.ڪراچي ۾ بنا تماشائين جي ٿيندڙ ۾ ميچ ۾ زلمي جي ڪپتان وهاب رياض ٽاس کٽي ملتان کي بيٽنگ لاءِ چيو. ملتان سلطان انڊر 19 جي ڪپتان روهيل  نذير ۽ ذيشان اشرف اننگ شروع ڪئي. پهريون ڀيرو پي ايس ايل کيڏندڙ روهيل نذير ٻن چوڪن جي مدد سان 14 بالن تي 14 رنز ٺاهي راحت علي جي بال تي ڪيپر ڪامران هٿان ڪيچ ٿيو، ذيشان اشرف هڪ ڇڪي ۽ 7 چوڪن جي مدد سان 39 بالن تي 52 رنز ٺاهي ڙاحت جي بال تي ڪيپر هٿان ڪيچ ٿيو،

ڪپتان شان مسعود 3 چوڪن جي مدد سان 23 بالن تي 28 رنز ٺاهي حسن علي جي بال تي ڪيپر هٿان ڪيچ ٿيو، معين علي ٻن بالن تي بنا رن ٺاهي راحت جي بال تي بولڊ ٿيو، روي بوپاڙا 8 بالن تي 5 رنز ٺاهي حماد اعظم هٿان محمد عامر خان جي بال تي ڪيچ ٿيو، شاهد آفريدي هڪ ڇڪي ۽ هڪ چوڪي سان 13 بالن تي 19 رنز ٺاهي عمر امين هٿان وهاب رياض جي بال تي ڪيچ ٿيو. خوشدل شاهه ٻن ڇڪن بعد 20 بالن تي 30 رنز ٺاهي ۽ سهيل تنوير هڪ بال تي بنا رن ٺاهي ناٽ آئوٽ رهيا.

پهنجو تبصرو موڪليو