مقبول اداڪار فواد ۽ ماهره جي مداحن لاءِ خوشخبري

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) پاڪستان شوبز انڊسٽري جي مقبول اداڪار جوڙي فواد خان ۽ ماهره هڪ ڀيرو ٻيهر گڏ نظر ايندي. ڊرامه سيريل همفسر کان مقبوليت ماڻيندڙ جوڙي کي مداح ٽي وي اسڪرين سان گڏ سلور اسڪرين تي ڏسڻ لاءِ بي چين آهن. اداڪار جوڙي جي پهرين فلم دي ليجنڊ آف مولا جٽ آهي جنهن جي رليز جي حوالي سان في الحال ڪا به شيءِ منظرعام تي نه آئي آهي جنهن تي مداحن ۾ مايوسي ڇائنجي وئي آهي. ليڪن هاڻي اداڪار جوڙي مداحن جي مايوسي ۽ بي چيني ختم ڪرڻ لاءِ ٻئي هڪ دفعو ٻيهر فلم ۾ مرڪزي ڪردار ادا ڪري رهيا آهن. پاڪستاني سينما ويب سائيٽ مطابق فواد ۽ ماهره جي ايندڙ فلم جي شوٽنگ جي شروعات 24 جنوري کان لاهور ۾ شروع ٿي چڪي آهي. ماهره پنهنجي انسٽاگرام اڪائونٽ تي هڪ تصوير شيئر ڪئي هئي جنهن تي لکيو هو ته پيڪ آف دي ڊي جنهن سان ظاهر ٿي رهيو هو ته فلم جي عڪس بندي جو آغاز ٿي چڪو آهي. ماهره ۽ فواد جي نئين فلم جو نالو نيلوفر آهي جنهن ۾ اداڪاره نابين عورت جو ڪردار اداڪري رهي آهي ان فلم جي ڊائريڪٽر جو تعلق لاهور سان آهي جڏهن ته فلم کي هلندڙ سال عيدالاضحيٰ تي رليز ڪئي ويندي. واضح رهي ته ماهره خان جي هلندڙ سال جي رليز ٿيندڙ فلم ۾ قائد اعظم زندهه آباد ۽ نيلوفر شامل آهن جڏهن ته فواد خان به هلندڙ سال ٻن فلمن ۾ ڪم ڪري رهيو آهي.  

پهنجو تبصرو موڪليو