مغوي عورت وجهه وٺي مائٽن وٽ پهچي وئي، تحفظ جي گهر

شاهپورجهانيان)اسد ٻگهيو) ڳوٺ گچيرو پراڻو ۾ هٿياربندن هٿان اغوا ٿيل نوجوان عورت مسمات ڪرشما ٻگهيو وجهہ وٺي پنهنجي ڏاڏي محمد رحيم عرف مور ٻگهيو جي گهر پهچي وئي ۔ جتي مغوي عورت ڪرشما صحافين آڏو روئيندي ٻڌايو تہ هٿياربند حاجي محرم ٻگهيو ، سندس پٽ نذير ٻگهيو ۽ ساڻس گڏ آيل 8 هٿياربند ماڻهو مون کي گچيرو پراڻو مان گذريل رات هٿيارن جي زور تي تشدد ڪرڻ بعد پيرين اگهاڙي ۽ مٿي اگهاڙي گهليندا ڀان سعيد آباد شهر جي ٻگهيا پاڙي ۾ کڻي ويا هئا، هن وڌيڪ ٻڌايو تہ هٿياربندن مون کي ڪمري ۾ بند ڪري ڇڏيو ۽ چيو تہ تنهنجو خون ڪنداسون ۽ تنهنجي ڏاڏي مور ٻگهئي سميت تنهنجن چاچن کي بہ مارينداسون. رات جو مان الله کي ٻاڏائيندي رهيس جو وجهہ ملڻ تي مان پنهنجو پاڻ اتان انهن جي گهران نڪري آيس ۽ پنهنجي ڏاڏي جي گهر گچيرو پراڻو ۾ اچي پناهہ ورتم ، هن چيو تہ هٿياربندن منهنجي مٿي جا وار ڪتري منهنجي تذليل ڪئي آهي. هن سيشن ڪورٽ نوشهرو فيروز۽ ايس ايس پي نوشهرو فيروز ۽ ٻين اعليٰ  اختيارين کي نوٽيس وٺي کين تحفظ فراهم ڪرڻ جي اپيل ڪئي آهي.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو