معياري تعليم نه ملڻ سبب شاگردن جو مستقبل خطري ۾ آهي،عدالت

مٺي (رپورٽ لیاقت نھڑیو) ٿرپاڪر جي سرڪاري تعيليمي ادارن جي حالت خراب آهي، معياري تعليم نه ملڻ سبب هڪ لک اتياسي هزار شاگردن جو مستقبل داءَ تي لڳل آهي، استاد سرڪاري ادارن ۾ پڙهائڻ بدران ٽيوشن سينٽرن ۾ ڳري فيس عيوض پڙهائن ٿا، اوهان نوٽيس وٺي معاملا بهتر ڪريو ۽ ورتل اپائن بابت آگاهه ڪريو. اهڙو اظهار ڊسٽرڪٽ اينڊ سيشن جج ٿرپارڪر مشتاق احمد ڪلوڙپاران سنڌ جي  تعليم کاتي واري سيڪريٽري کي لکيل خط ۾ ڪيو ويو آهي. خط ۾ جج خاحب لکيو آهي ته اوهان ضلعي جي تعليمي  ادارن جي سربراهن کي پابند ڪيو ته هو اسڪولن ۾  شاگردن کي معياري تعليم  فراهم ڪرڻ لاءِ فوري اپاءُ وٺن.

تعليمي ادارن ۾ شاگردن ۽ عملي جي حاضري يقيني بڻائي وڃي. جج صاحب خط ۾ لکيو آهي ته اڪثر تعليمي ادارن ۾ خاص طور تي صادق فقير گورنمينٽ ڊگري ڪاليج مٺي روزاني بنياد تي فنڪشنل نه آهي، استاد ڊيوٽي تي اچڻ کان ڪيٻائين ٿا ۽ شاگر به ڪاليج اٽينڊ نٿا ڪن . هن وڌيڪ رپورٽ ۾ ڄاڻائيندي چيو آهي ته ضلعي جي شهرن ۾   استادن پاران ٽيوشن سينٽر کولي  شام جي وقت پڙهايو پيو وڃي ۽ انهن کان ڳريون فيسون وصول ڪيون پيون وڃن ان صورتحال کي ضابطي ۾ آڻڻ لاءِ اهڙن سينٽرن کي بند ڪرايو وڃي ۽ استادن کي پابند بڻايو وڃي ته هو پنهنجي ڊيوٽي سان سچا ٿين. مشتاق احمد ڪلوڙ پاران انساني حقن جي بنيادن تي سپريم ڪورٽ ۾  هڪ ڪيس ۾ پيس ڪيل انگ اکر ڏيندي چيو آهي ته ضلعي ۾ 505 پرائمري ۽ 10 سيڪنڊري اسڪول بند پيا آهن. تقريبن ٽي هزارتعليمي ادارن ۾ بجلي ۽ پيئڻ جي پاڻي جي سهولت ناهي. جج صاحب سيڪريٽري تعليم کي فوري اپاءَ وٺي صورتحال بهتر ڪرڻ جي هدايت ڪئي آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو