معصوم ٻارڙن جي شادي بعد رخصتي ڪرڻ جو انڪشاف

مٺي (لياقت نھڙيو) بجير محلي ۾ ٻن.معصوم ٻارڙن جي شادي ڪرائي رخصتي ڪرڻ جو انڪشاف، ٻارڙي جي چاچن جو احتجاج، لالچي ڀاءُ ۽ گهوٽ سميت مولوي خلاف ڪارروائي جو مطالبو. ان ڏس ۾ معلوم ٿيو آهي ته مٺي جي اوڀر بجير محلي ۾ 12 سالن جي رضوانه ڌي رانجهو بجير ۽ ڪوٽ غلام محمد جي ڳوٺ نذير ڀرڳڙي جي رهواسي 13 سالن جي ٻارڙي غفور ڀرڳڙي سان 10 ڏينهن اڳ لڪ ڇپ ۾ مٺي مان وٺي وڃي ڪوٽ غلام محمد ويجهو نڪاح ڪرائي ٻارڙي جي رخصتي ڪرائي ويئي آهي ۽ ٻارڙي جي گجهه ڳوهه ۾ شادي ڪرائڻ خلاف چاچن مهندرو بجير، نظير بجير ۽ ٻين مٺي ۾ صحافين آڏو پهچي احتجاج ڪندي چيو ته اسان جي لالچي ڀاءُ رانجهو بجير لالچ ۾ اچي ڀائيٽي رضوانه جيڪا اسڪول جي سرٽيفڪيٽ مطابق 12 سالن جي آهي جنهن کي ڪوٽ غلام محمد ۾ غير برادري جي ڀرڳڙي ٻارڙي 13 سالا غفور ڀرڳڙي سان شادي ڪرائي رخصتي ڪرائي آهي جيڪو ٻارڙي سان ظلم ۽ قانون جي خلاف ورزي ڪئي آهي. هنن چيو ته جڏهن ٻارڙي کي گهوٽ ڪري هتي ڄڃ وٺي آيا هئا ته اسان نڪاح نه ڪرڻ ڏنو پر بعد ۾ اسان کان لڪي اسان جي ڀاءَ ڪوٽ غلام محمد جي ڳوٺ نذير ڀرڳڙي وڃي نڪاح ڪرائي رخصتي ڪرائي ويئي آهي جيڪو غلط عمل ڪيو ويو آهي. هنن احتجاج ڪندي آءِ جي سنڌ، ڊي آءِ جي ميرپورخاص، ايس ايس پي ٿرپاڪر ۽ ٻارن جي حقن جي تنظيم کان مطالبو ڪيو آهي ٻارڙن جي شادي ڪرائيندڙن کي گرفتار ڪري مٿس ڪيس داخل ڪري ٻارڙي کي تحفظ فراهم ڪيو وڃي.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو