معصوم نياڻين جا قاتل گرفتار نه ٿيا، امڙ ذهني توازن وڃائي ويٺي

نوابشاهه (اي ڪي ڏاھري) پٻجو ٿاڻي جي حد ۾ 20 ڏينهن اڳ ڳوٺ علي نواز چانڊيو ۾ قتل ٿيل ٻن معصوم بيگناهه نياڻين 13 ورهين جي صائمه ۽ 8 ورهين جي مائره جي قتل کانپوءِ سندس امڙ مسمات جادو ذهني توازن وڃائي ويٺي. ڳوٺاڻن کي جيئن خبر پئي ته پ پ پ ايم پي اي صوبائي وزير صحت ڊاڪٽر عذرا فضل پيچوهو زرداري هائوس پهتي آهي ته مقتول نياڻين جا ماءُ ۽ پيءُ محمد لائق چانڊيو، ماءُ مسمات جادو، ننڍڙي ڀيڻ ريشما، ڀاءُ علي اصغر چانڊيو ۽ ٻين ميڊيا کي ٻڌايو ته اسان ڊاڪٽر عذرا فضل پيچوهو کي دانهن ڏيڻ آيا هئاسين ته پٻجو ٿاڻي جي پوليس جوابدار گرفتار نٿي ڪري پر اها اسان کان اڳواٽ نڪري وئي آهي. هنن چيو ته پٻجو ٿاڻي جي پوليس جي سستي ۽ لاپرواهي جي ڪري پنج جوابدار جيڪي گرفتار نه ٿيا آهن اهي اسان کي موتمار ڌمڪيون ڏئي رهيا آهن ۽ اهي جوابدار سڀئي شبير چانڊيو جي بنگلي تي ترسيل آهن ۽ انهن کي ان جي پٺڀرائي حاصل آهي ۽ هو پاڻ به جوابدار آهي ۽ سڀئي جوابدار سرعام هٿيار کڻي گهمندا رهن ٿا ليڪن پوليس اگھور ننڊ ۾ ستل آهي. هنن مطالبو ڪيو ته جوابدارن کي فوري طور تي گرفتار ڪري قانون جي ڪٽهڙي ۾ بيھاريو وڃي ته جيئن اسان کي انصاف ملي سگهي. انھيءَ موقعي تي ٻنهي مقتول نياڻين جي امڙ مسمات جادو صحيح طرح سان ڳالهائي نه پئي سگهي ۽ ان جا هٿ پير ڏڪي رھيا ھئا ۽ ان جو ذهني توازن صحيح ڏسڻ ۾ نه پئي آيو.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو