معاشي ترقي لاءِ ايڪسپوٽ کي وڌائڻو پوندو، عمران خان

اسلام آباد (بيورو رپورٽ) وزيراعظم عمران خان پاڪستان ۾ پھريون ڀيرو ماحول دوست اليڪٽرڪ بائيڪ ‘جولٽا اليڪٽرڪ’ جو افتتاح ڪري ڇڏيو. وزيراعظم عمران خان تقريب کي خطاب ڪندي چيوتھ مافياز پاليسيز تبديل ڪري ڇڏينديون آهن ۽ پنهنجي فائدي لاءِ فيصلا ڪنديون آهن، اليڪشن بدران مستقبل جي سوچ رکندڙ ملڪ ترقي ڪندا آهن، اسان کي سوچ تبديل ڪري ملڪ لاءِ نئون روڊ ميپ ڏيڻو آهي، وزيراعظم عمران خان چيوته شهرن لاءِ ماسٽر پلان ٺاهي رهيا آهيون ته جيئن آبادي جي پکيڙ ۽ ٻين مسئلن کي روڪي سگهجي، لاهور جيان ڪراچي ۾ به گدلاڻ خطرناڪ حد تي پهچي چڪي آهي، سڄو نيڪال سمنڊ ۾ وڃي ٿو، اليڪٽرڪ گاڏيون ۽ بسز آڻينداسين ته جيئن ماحولياتي گدلاڻ کان بچي سگهجي، ملڪي معيشت هاڻي ترقي ڪري رهي آهي، تاريخ ۾ پهريون ڀيرو هن سال 26 ارب ڊالرز جي ايڪسپورٽ ٿي آهي، اسانکي اهڙا قدم کڻڻا پوندا ته جيئن آءِ ايم ايف ڏانهن نه وڃڻو پئي. معاشي ترقي ايڪسپورٽ وڌائڻ سان ئي ممڪن آهي. پاڪستان وٽ ايترا قدرتي وسيلا آهن جو هڪ امير ملڪ آهي ڪنهن وٽ وڃڻ جي ضرورت ناهي رڳو نيڪ نيتي سان اڳتي وڌڻ جي ضرورت آهي. اڄ پوري دنيا ماحولياتي تبديلي جي ڪوششن ۾ پاڪستان کي مڃي ٿي. هن چيو ته پهريون ڀيرو ملڪ ۾ ڊگهي مدت واري رٿا بندي ٿي رهي آهي. چين جي ترقي 10 کان 30 سالن جي منصوبا بند ي سبب ممڪن ٿي. ان کان اڳ خسرو بختيار خطاب ڪندي چيو ته  آٽو پاليسي سبب ملڪ 75 هزار نوڪريون ڳوٺڻ ۾ ملنديون 30 لک موٽر سائيڪلون تيار ٿينديون ۽ 5 لک گاڏيون ٺهنديون.

پهنجو تبصرو موڪليو