معاشري لاءِ ناسور بڻجي ويل نشو ۽ قانون جون ڪمزوريون  – محمد اسماعيل لانگاھ  

سنڌ ۾ خاص ڪري نوجوان طبقي لاءِ  نشي ۽ ٻين سماجي برائين جهڙا بدڪردار عمل ايترو ته وڌي وڻ ٿي ويا آهن جو ان کي روڪڻ هاڻ ناممڪن لڳي رهيو آهي, جنهن کي روڪڻ لاء پوليس کي دهشتگردي جهڙا قلم نافذ عمل لڳائڻ جا اختيار پڻ ڏنا ويا آهن سماجي برائيون جنهن ۾ نشو ائين کڻي چئجي ته جڙ سمجهيو آهي  ۽ ھاڻ  عام  نه پر جام ٿي ويو آهي جيڪو هاڻي وڏن کان ننڍي ۽ نابالغ پيدائش تائين ڦھلجي ويو آهي جن کي روڪڻ لاء اسانجي قانون جون تمام تر ڪوششون به ڪارگر نظر نٿيون اچن منشيات جو استعمال ايتري حد تائين وڌي ويو آهي جو هاڻي منشيات تي مڪمل ضابطو يا ڪنٽرول ڪرڻ مشڪل نظر اچي رهيو آهي ڇاڪاڻ ته ڪنهن صوبي ضلعي يا يوسي سطح تائين نه پر هيئنر پورو ملڪ ان مرض م مبتلا ٿي چُڪو آهي جنهن مان جند آجي ڪرڻ لاء ايتري قدر جو سنڌ ۾ پوليس کي ان خلاف ڪاروائي ڪرڻ لاء قلم دھشتگردي لاڳو ڪرڻ جا اختيار به ڏنا ويا پر ان قانون تي ڪيتري قدر عمل ٿيو آهي يا ٿيندو اهو صرف قانون لاڳو ڪندڙ انتظاميه جي هٿ وس آهي منشيات جو استعمال نه صرف امير پر غريب ,مڊل ڪلاس وارا ۽ زندگي کان مايوس ٿي ويل ماڻهون به مبتلا ٿي رهيا آهن, جنهن ۾ اڪثر ڪري غريب طبقو پريشانين ۽ امير ترين ماڻهون شوق وچان ۽ رستن تان ڀٽڪي وڃڻ جي صورت ۾ اهڙين سماجي برائين جي ورچڙھيل آهن خاص طرح سان نوجوان نسل کي اهڙن ڪمن ۾ گهڻو وقت مصروف عمل ڏٺو پيو وڃي جيڪي پنهنجي خوبصورت زندگي کي بربادين طرف ڌڪيندا اچن پيا پڙهيل لکيل ماڻھون نشي جا عادي بڻجي ويا آهن, جنهن سان گڏ ٻيون سماجي برائيون کين جنم وٺي رهيون آهن نشيدار شين جو استعمال ايتري قدر وڌي ويو آهي جو هن ڪاروبار مان ڪروڙين رپيا ڪمايا پيا وڃن نشيدرا شين واري دنيا ۾ منشيات وارو لفظ وسيع تر معني ۾ استعمال ٿي رهيو آهي جنهن کي واپرائيندڙ ماڻهن جو دماغ ۽ دل وقتي طور دنيا جهان کان مفلوج ٿيو وڃي ٿو هاڻي ان موتمار نشي کي بجاء عيب جي رعب ۽ دٻدٻي سان معاشري ۾ عزت سمجهي استعمال ڪيو وڃي ٿو هڪ سائنسي تحقيق موجب سڀ کان پهريون دنيا جي تختي تي جيڪو نشو تيار ڪيو ويو اهو صرف عام طور هڪ دوا ۽ موذي مرضن جهڙوڪ کنگھ, دست, سُور لاء تيار ڪيو ويو جيڪو ڪُجھ سالن تائين انهن بيمارين تي استعمال ڪرڻ کانپوء جلد معاشري ۾ ڀٽڪي ويل انسانن ان کي خاص نشي ۾ استعمال ڪرڻ جو گس وٺي ڇڏيو جيڪو پريشانين ۾ مبتلا انسانن جي عمل جو ڪارڻ بڻجي اڄ معاشري جي غريب توڙي امير طبقي لاء موذي مرض جيان ڳلي ۾ نانگ جيان وڪوڙجي ويو آهي جنهن ۾ اڃا الائي ڪيترن ئي انسانن جون زندگيون ڦاسجنديون رهنديون

نشي ۾ جيڪي شيون استعمال ڪيون وڃن پيون انهن ۾ هيروئن,آفيم,شراب, تماڪ چرس, ڀنگ, پڻ واپرائيجندڙ نشي آور شين ۾ اچي وڃن ٿيون جنهن جي ڪاروبار ۽ استعمال کي قانوني طور وڏو جُرم ته سمجهيو وڃي ٿو پر انهن جي روڪٿام لاء اڃا تائين اهي ڪوششون نه ڪيون ويون آهن جن سان هن انسان دشمن شين کي باقائده ٻنجو ڏئي سگهجي اسان جي معاشري ۾ آفيم جو استعمال ڪيترن ئي سالن کان وٺي ٿيندو رهيو آهي آفيم پراڻي دور ۾ پاڻياٺ ۽ ٻين مختلف نمونن سان استعمال ٿيندو رهيو تحقيق مطابق آفيم جي وپرائڻ جي شروعات 17 هين صدي چين ۾ تماڪ سان گڏ ڇڪڻ سان ٿي ۽ شراب جنهن کي عام طور الڪوحل جي نالي سان به سڏيو وڃي ٿو هي نشو عام طور مختلف شين توڙي ميون منجهان حاصل ڪيل عرق لاء استعمال ٿيڻ لڳو جيئن هاڻ انکي شراب لاء استعمال ڪيو وڃي ٿو چرس وري ٻُوٽي مان پئدا ٿيندو آهي ,جنهن جو استعمال تماڪ سان ملائي جُلائي ڪيو وڃي ٿو جيئن ته هيروئن جي اچڻ سان چرس جو استعمال ڪافي حد تائين گهٽجي ويو آهي تنهن جي باوجود پاڪستان توڙي دنيا جي ٻين ڪافي ملڪن ۾ ڇڪيو وڃي ٿو, چرس ڇڪڻ سان دماغ واريون رڳون سُڪي وڃن ٿيون ۽دماغ خُشڪ ٿي وڃي ٿو جنهن ڪري اڪثر ذهني مريضن جو تعداد چرس ڇڪيندڙن جو آهي هن وقت اندازي مطابق 30  لک هيروئن سميت ٻيو نشو واپرائڻ وارا نوجوان توڙي پوڙھا عورتون ۽ مرد شامل آهن جيڪي هر سال 6 ملين ڊالرن جو نشو واپرائن ٿا گذري ويل ڪُجھ سالن کان وٺي منشيات عالمي برادري جي لاء هڪ سنگين مسئلو ٿي اڀرڻ کانپوء الاهي سارن پرڳڻن کي پنهنجي نشي واري باھ جي آڙاھ ۾ ساڙي رک ڪري ڇڏيو آهي منشيات واپرائڻ سان لکين جيئرا جاڳندا وجود(انسان) موت جي آغوش ۾ هليا ويا ۽ اڃا الائي ڪيترائي موت جي انتظار ۾ آهن لکين گهر, خاندان نوجوان پوڙها توڙي پڪا هن وبا جي ڪري پنهنجي معاشي توڙي اقتصادي حيثيت وڃائي ويٺا آهن انهن موت جي سوداگرن پنهنجي ڪم ۽ ,گهٽيا سوچ واري ذهنن جي زور تي پنهنجي هن معاشري جي تباهي جو اهڙي ريت ڄار وڇائي ڇڏيو آهي جنهن سان ڪيترائي زنده انسان زنده لاشن جيان زندگيون گذارڻ تي مجبور آهن, منشيات وارو ڪاروبار ايترو ته ترقي ڪري ويو آهي  جو سندن ڪمايل سرمايو وڏين وڏين صنعتن کان به وڌيڪ آهي سوچ کان به وڌيڪ ناڻو نشي مان ڪمايو وڃي پيو,ڪيترن ئي ترقي پذير ملڪن ۾ هن ناسور بڻجي ويل مشياتي مرض مان ته آجپو پاتو ويو آپر اسان انکي روڪڻ بجاء وڌائي رهيا آهيون ٻي ڳالھ ته جيڪا اهم آهي سا اها آهي ته سماجي يا معاشرتي بهتر نظام نه هئڻ جي ڪري هن مهل 90 سيڪڙو ماڻھون هن غليظ ترين مرض ۾ وٺجي چُڪا آهن  ڏُک ۽ افسوس انهيء ڳالھ جو آهي ته حڪومتي توڙي غير سرڪاري ادار اڃا تائين بيروني طرح اسمگلنگ ٿيندڙ منشيات تي به باقائدگي سان قابو نه ڪري سگهيا آهن نشو جيڪو هيئنر  ملڪ ۽ اسان جي معاشري لاء ناسور واري شڪل اختيار ڪري چُڪو آهي جيڪو ڏينهون ڏينهن گهٽجڻ بدران اڃا به وڌي رهيو آهي هن بُرائي جي پاڙ پٽڻ لاء قانون جي ڪمزورين کي ڏسڻ بدران هر فرد کي گڏجي ختم ڪرڻ گهرجي ٻي صورت ۾ هن ناسور ذريعي نسلن کي تباهي کان ڪير به بچائي نٿو سگهي ۽ باقي رهي ڳالھ هن بُرائي خلاف قانون جي  ته قانون جي ڪيتري پاسداري ڪئي وئي آهي هن سماج دشمن نشي واري مرض ۽ هن سماج دشمن عمل ۾ شامل عنصرن خلاف ڪيتري قدر ڪاروائيون ٿيون اهو اندازو ان ريت لڳائي سگهجي ٿو ته پوليس انتظاميه هن مرض کي روڪڻ لاء ايتري قدر سخت گير فيصلو ڪري چُڪي آهي جيڪو ماڻهون نشي آوار شيون واپرائيندو, يا ان جو ڪاروبار ڪندو ان خلاف دهشتگردي ايڪٽ تحت ڪاروائي عمل ۾ آندي ويندي مان سمجهان ٿو ته جيڪڏهن ٻين ملڪن جي پوليس جيان هتي به اهڙو نظام نافذ عمل آندو وڃي ته هر وڏي کان وڏو ۽  ننڍو ڏوھ ۽ ڏوهاري ختم ٿي سگهن ٿا پر معاشري ۾ ڏوهن جي واڌ جا اصل ڪارڻ قانون جون ڪمزوريون آھن جن کي سُڌارڻ ۽ سئو فيصد معاشري جي گندگي صاف ڪرڻ لاء فعال ڪرڻ جي ضرورت آهي جنهن ۾ سڀ کان پهرين ذميواري پوليس انتظاميه تي عائد ٿئي ٿي جيڪا هن سماج ۾ ڦهليل هر گندگي ۽ گناهگار کان سڌي طرح واقف آهي جيڪڏهن معاشري مان ههڙن ناسور بڻيل مرضن مان جند آجي ڪرائڻي آهي ته پهرين پوليس ۽ قانون ۾ پکڙيل ڪمزوريون ختم ڪري کين معاشري ۾  بهتري آڻي سگهجي ٿي ٻي صورت ۾ نسلن کي تباھ ٿيڻ کان بچائڻ جو ڪوبه موقعو نه ملي سگهندو .

پهنجو تبصرو موڪليو