مطيع الله جي اغوا ڪارن جي سڃاڻپ مشڪل آهي، آءِ جي

اسلام آباد(بيورو رپورٽ) صحافي مطيع الله جان کي اغوا ڪندڙن جي سڃاڻپ نه ٿي سگهي آهي ۽ سندن سڃاڻپ ڪرڻ مشڪل آهي. اهڙو اظهار اسلام آباد جي آءِ جي پوليس محمد عامر ذوالفقار سپريم ڪورٽ ۾ جمع ڪرايل رپورٽ ۾ ڪيو آهي. رپورٽ ۾ ٻڌايو ويو آهي ته ويڊيو غير معياري ڪيمرا سان ٺهيل آهي، اغوا ڪندڙن جا چهرا سڃاڻڻ مشڪل آهي، نادرا وارن به سڃاڻپ کان انڪار ڪيو آهي. هن وڌيڪ چيو آهي ته گاڏين جون نمبر پليٽون به ظاهر ناهن پر انهن جي ڳولا جاري آهي. واقعي جو ڪوبه عيني شاهد سامهون ناهي آيو نه ئي ڪنهن رهائشي شاهدي ڏني آهي. جنهن هنڌ واقعو ٿيو آهي اتي سيف سٽي جي ڪيمرا لڳل ناهي. ياد رهي ته صحافي مطيع الله جان کي 21 جون تي اسلام آباد جي، جي سڪس سيڪٽر مان اغوا ڪيو ويو هو ۽ 12 ڪلاڪن بعد اسلام آباد کان 70 ڪلوميٽر پري کيس ڇڏيو ويو هو. سپريم ڪورٽ جي چيف جسٽس گلزار احمد خان از خود نوٽيس تي ڪاروائي ڪندي آءِ جي پوليس کان رپورٽ طلب ڪ.ي هئي. سندس ڪيس جي ٻڌڻي اڱاري تي 3 رڪني بينچ ڪندي.

پهنجو تبصرو موڪليو