مشهور ماڊل پاران پنهنجي پاڻ سان شادي جي تقريب

ڪراچي (ويب ڊيسڪ)ماضي ۾ پنهنجي لاڳاپن مان مايوس برازيل جي ماڊل ڪرس گيليرا پنهنجو پاڻ سان شادي ڪري ڇڏي آهي. ميڊيا رپورٽ موجب ڪرس گيليرا مردن تي يقين ڪرڻ ۽ پوءِ انهن جي بي وفائي کان ٿڪجي پوڻ کانپوءِ پنهنجي زندگي اڪيلي گذارڻ جو فيصلو ڪندي پنهنجو سڄو وقت ۽ پئسو پاڻ تي خرچ ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي. ڪرس گيليرا ان حوالي سان چيو ته هوءَ پهريان سوچيندي هئي ته خوش رهڻ ۽ اڪيلائي کان بچڻ لاءِ ڪنهن رشتي جي ڳانڍاپي جي ضرورت هوندي آهي، جڏهن ته اڪيلو رهڻ کانپوءِ محسوس ڪيو آهي ته خوش رهڻ لاءِ ڪنهن مرد جي ضرورت ناهي پوندي. ماڊل غيرملڪي ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته مان هڪ اهڙي جاءِ تي پهتس جتي مونکي لڳو ته مان هاڻي ميچوئر آهيان، مون محسوس ڪيو ته مان هڪ مضبوط ۽ پر عزم عورت آهيان، مان سدائين اڪيلو رهڻ کان ڊڄندي هئس پر هاڻي ائين ناهي. ڪرس ان حوالي سان پنهنجو پاڻ سان شادي ڪرڻ جو فيصلو ڪندي باقاعدا شادي جي تقريب ڪوٺائي جنهن ۾ هن پنهنجي دوستن ۽ رشتيدارن کي گهرايو، جڏهن ته اهڙيون تصويرون سوشل ميڊيا تي وائرل ٿيڻ کانپوءِ کيس سخت تنقيد جو نشانو بڻايو پيو وڃي. ياد رهي ته دنيا ۾ عجيب ۽ غريب ريتن رسمن جي پوئواري ڪندي ڪيتريون ئي انوکيون شاديون ڏٺيون ويون آهن جن مان سڀ کان گهڻائي پاڙيسري ملڪ ڀارت ۾ ڏٺي وئي آهي جتي عورتن جي شادي پٿرن، ڀتين، ڏيڏرن ۽ ڪتن سميت مختلف جانورن سان ڪرائي ويندي آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو