مشهور اداڪار ٽم بروڪ ڪورونا سبب فوت

لنڊن (ويب ڊيسڪ) برطانيا جو مشهور اداڪار ٽم بروڪ ٽيلر 79 سالن جي عمر ۾ ڪورونا وائرس سبب فوت ٿي ويو. بي بي سي پنهنجي رپورٽ ۾ اداڪار جي مئنيجر جي حوالي سان سندس وفات جي تصديق ڪئي آهي. ٽم بروڪ زندگي م اهم پروجيڪٽ ڪيا ۽ 1970 ۾ هن جو شو “دي گوڊيز” وڏو ڪامياب شو سمجهو ويندو هو. بعد ۾ سندس هڪ ٻيو شو “سوري آءِ هيونٽ اي ڪليو” به ڪافي ڪامياب ٿيو هو. اداڪار گريمي گارڊن سندس وفات تي افسوس ظاهر ڪندي چيو آهي ته هن جي ساڻس 50 سالن جي دوستي هئي ۽ هي شو بز جي دنيا جو وڏو نقصان آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو