مشرف جو لاش لٽڪائڻ جو جملو لکندڙ جج خلاف ڪاروائي

اسلام آباد (بيورو رپورٽ) اڳوڻي فوجي حڪمران پرويز مشرف جي لاش کي ٽن ڏينهن تائين ڊي چوڪ تي ٽنگڻ واري جملي تي حڪومت، فوج، وڪيلن، تجزيه ڪارن ڪاوڙ ۽ ناپسنديدگي جو اظهار ڪيو آهي. حڪومت ان کي غير آئيني، غير انساني، غير قانوني ۽ غير اخلاقي قرار ڏيندي خصوصي عدالت جي سربراهه ۽ پشاور هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس وقار احمد سيٺ کي هٽائڻ لاءِ سندس خلاف سپريم جڊيشل ڪائونسل ۾ ريفرنس داخل ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي.

جسٽس وقار احمد سيٺ

وزيراعظم عمران خان حڪومتي ميڊيا ۽ قانوني ماهرن جي ٽيم جي اجلاس ۾ ڄاڻايل جج خلاف ريفرنس داخل ڪرڻ جي هدايت ڪئي. ايئر مارشل (ر) شهزاد چوڌري چيو ته زينب ڪيس جي مجرم کي سري عام ڦاهي وارو مطالبو به عدالت رد ڪيو هو ته پرويز مشرف جو لاش ٽنگڻ بابت فيصلو غلط آهي. اعتزاز احسن چيو ته لاش لٽڪائڻ جي پاڪستان جو آئين ۽ قانون اجازت نٿو ڏئي. هڪ صوبي جي چيف جسٽس کي سوچڻ گهرجي ها. مختلف ٽي وي ٽاڪ شوز ۾ وسيم سجاد، ياسين آزاد، بابر ستار ۽ ٻين چيو ته اها پيرا نه لکڻ گهرجي ها پر ان کي بنياد بڻائي سپريم جوڊيشل ڪائونسل ۾ وڃڻ غلط آهي سپريم ڪورٽ ۾ اپيل ڪئي وڃي. هنن چيو ته جسٽس وقار بهترين جج آهي هن فوجي عدالتن پاران 70 جي لڳ ڀڳ جوبدارن کي مليل سزا معطل ڪئي ۽ فوج پاران ملڪ دشمني جي شڪ جي بنياد تي ڪنهن به شهري کي قيد ڪرڻ وارو قانون ختم ڪيو. ان باري ۾ قانون واري وفاقي وزير فروغ نسيم، شهزاد اڪبر ۽ فردوس عاشق اعواڻ پريس ڪانفرنس ڪندي چيو ته تمام جلد جسٽس وقار سيٺ خلاف ريفرنس داخل ڪيو ويندو. فروغ نسيم چيو ته لڳي ٿو ته جج جو دماغي توازن ٺيڪ ناهي ۽ اهڙا جج عدليه جو وقار خراب ڪندا ان ڪري اعليٰ عدليه جا جج هن کي فوري طور ڪم کان روڪين. ڇو ته اسلام ۽ قانون لاش لٽڪائڻ جي اجازت نٿو ڏئي. شهزاد اڪبر چيو ته جنهن هنگامه خير انداز ۾ ڪيس جو فيصلو ڪيو ويو. اسلام آباد هاءِ ڪورٽ فيصلو ٻڌائڻ کان منع ڪيو وفاقي حڪومت اپيل ۾ ويندي. هنن چيو ته ڀارتي آرمي چيف ڌمڪيون ٿو ڏئي ۽ اهڙي صورتحال ۾ اهڙن فيصلن سان ادارن ۾ ٽڪراءُ وارو ماحول پيدا ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي.

پهنجو تبصرو موڪليو