مسوڀرڳڙي ۾ ثقافتي ڏھاڙو سيمينار منعقد ريلي ڪڍي وئي

مسوڀرڳڙي (ن سنڌ يار) مسوڀرڳڙي ۾ ثقافت جي ڏھاڙي جي حوالي سان ريلي ڪڍي سيمينار ڪرايو ويو. ريلي ۾ پريس ڪلب مسوڀرڳڙي جو صدر زاھد ملاح، چيئرمين محمد بخش وگھيو، سينئر نائب صدر غلام مصطفيٰ بروھي، جنرل سيڪريٽري غلام قادر وسير، پانچورام، محبوب خاصخيلي، امجد وگھيو، علي رضا چنڊ، حاجي غلام حسين وسير، پير بخش آرائين، استاد جميل راجپوت، محمد سومار کوسو، جاويد دل، حسين ابڙو، اعزاز لغاري، ايڊوڪيٽ محب آزاد لغاري، خالد ترڪ، سردار شاھ، ڪريم ڏنو ملاح، علي گل سمون، سيد عبدالله شاهه، بشير احمد ڪوري، بھادر حاجاڻو، ذوالفقار ملاح، امانت علي، علي گل سمون، علي بلوچ، محمد پڃل ملاح، محمد ابراھيم ملاح، شوڪت سمون ۽ ٻين شرڪت ڪئي.ان موقعي تي طالب الموليٰ ڪالوني ۾ سيمينار ۾ ميڊيا سان ڳالھائيندي سيد سردار شاهه، سيد عبدالله شاهه، حسين ابڙو، محمد بخش وگھيو، ايڊوڪيٽ محب آزاد، غلام قادر وسير ۽ زاھد ملاح چيو ته 6 ڊسمبر ثقافت جو ڏھاڙو اسان جي لاءِ ڪنھن عيد جي ڏھاڙي کان ھرگز گھٽ ناھي.ھي ثقافت جو ڏھاڙو اسان سنڌي سنڌ ڌرتي سان پيار ۽ محبت جي اظھار طور ملھائي ڌرتي سان وفا جو وچن ورجائيندا آھيون. ھنن چيو ته سنڌ ھزارين سالن کان قائم آھي ۽ قائم رھندي ھنن چيو سنڌ ٻيٽ ھجن يا دريا، سمنڊ ھجي يا شھر سنڌ جي ملڪيت آھن ان تي اسان سنڌي ڪوبه سمجهوتو نه ڪنداسين. ھنن چيو اڄوڪي ڏينھن پنهنجي ڌرتي ماتا سان وفا جي وچن جو ڏينھن آھي، تقريب ۾ ٽيبلوز ۽ محفل موسيقي پڻ ٿي گذري. اھڙي طرح ھي ثقافتي محفل دير تائين جاري رھي.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو