مسلمانن لاءِ اسلامو فوبيا سڀ کان وڏو خطرو آهي،ارمينا خان

لاهور(ويب ڊيسڪ) اداڪارا ارمينا خان چيو اهي ته مسلمانن لاءِ اسلامو فوبيا سڀ کان وڏو خطرو آهي. سماجي رابطن واري ويب سائيٽ تي ڪينيڊا واقعي تي افسوس جو اظهار ڪندي ارمينا خان چيو ته ڪينيڊا ۾ پورو خاندان ان اسلامو فوبيا جو شڪار ٿيڻ تي وڏو صدمو پهتو آهي. هن چيو ته آئون ان واقعي کي سڀ کان وڏي دهشتگردي جو نالو ڏيان ٿي ڇاڪاڻ ته بي گناهه ماڻهن کي انتهاپسندي جو شڪار بڻايو ويو، هن چيو ته منهنجي نظر ۾ اسپتال ۾ پنهنجي زندگي سان وڙهندڙ معصوم ٻارڙي سان ڇا گذرندي هوندي.

پهنجو تبصرو موڪليو