مسجد جو سولر بچي ويو، 4 دوڪانن مان سامان ۽ نقدي چوري

خانواهڻ(عاجز امتياز نوح پوٽو)ڳوٺ ديهات مان ھڪ ئي رات ۾ چوري جون 5 وارڌاتون، چورن تر تپائي ڇڏيو. چور چار دڪاندارن حاڪم لانگاھ شبير چنه بلاول کوکر اڪبر ڀنڊ جي دڪانن جا تالا ٽوڙي سامان روڪ رقم چورائي ديده دليري سان فرار ٿي ويا. جڏهن ته ڳوٺ حاجي امداد خشڪ مان چور مسجد مان سولر سسٽم بيٽريون يو پي ايس اسٽپلائيزر چوري ڪري فرار ٿي رھيا ته بروقت ڳوٺاڻن مڙسي ڪري فائرنگ ڪري ڏني چور مسجد مان چورايل سامان رستي تي ڇڏي فرار ٿي ويا .

Photo Sindhyar

پوليس جي روايتي سستي مان عوام مايوس ڳوٺاڻن رئيس خداداد خشڪ  حاڪم لانگاھ ۽ ٻين وڌندڙ بدامنيءَ تي ڳڻتي جو اظهار ڪندي چيو ته ھڪ رات ۾ 5 وارداتون پوليس جي نااهلي جو ثبوت آهي اسان آءِ جي سنڌ پوليس کان مطالبو ٿا ڪريون ته ضلعي نوشهرو فيروز جي خانواهڻ ٿاڻي جي حد ۾ وڌندڙ بدامنيءَ جو نوٽيس وٺي عوام کي تحفظ فراهم ڪيو وڃي.

پهنجو تبصرو موڪليو