مزدورن جي ڊاٽسن ڪلٽي 3 فوت 17 زخمي ٿي پيا

ٽنڊوغلام حيدر (رپورٽ ميرحسن رند) بدين حيدرآباد روڊ تي مزدورن سان ڀريل تيز رفتار ڊاٽسن  ٽائر برسٽ ٿيڻ سبب ڪلٽي ٿي پئي جنهن سبب 20 کان مٿي مرد عورتن ٻارڙن جنهن ۾ رميش, گووند, نشاء , مير خان, طيان, ميگهي, ويرسن, وجيش, راهول, قبو سورج .رميش هيرو  لکو. ڀارتي ؛ شملو  ۽ وجو سميت 20 زخمي جنهن مان هڪ 14 سالن جو راهول پٽ امرشي فوت ٻي طرف وڌيڪ زخمين ۽ فوتي نينگر جو لاش ٽنڊو غلام حيدر جي سرڪاري اسپتال منتقل ڪيو ويو جڏهن ته باقي زخمين کي حيدرآباد سول اسپتال ريفر ڪيو ويو آهي هوڏانهن ريفر ٿيل زخمين مان وڌيڪ 2 زخمين 13 سالن جي معصوم نينگري نشاء  ۽ 14 سالن جو لکو پٽ سنيو ٺڪر زخمن جا تاب نه سهندي رستي ۾  فوت ٿي ويا جنهن سبب فوتين جو انگ هڪ مان وڌي 3 ٿي ويو آهي جڏهن ته پيش آيل حادثي ۾  فوتي توڙي زخمي نظرپور شهر جا رهواسي هئا جيڪي مزدوري خاطر سارين جو رونبو ڪرڻ لاء وڃي رهيا هئا ته اچانڪ ڊاٽسن جو ٽائر برسٽ ٿيڻ ڪري واقعو پيش آيو.

پهنجو تبصرو موڪليو