مزدا ۽ موٽر سائيڪل ۾ ٽڪر هڪ فوت 2 زخمي

قبوسعيدخان (خادم حسين جاگيراڻي ) موٽر وي تي عبدالله بروھي ڪانٽا ويجھو مزدا ۽ موٽر سائيڪل ۾ آمھون سامھون ٽڪر سبب هڪ فوت 2 زخمي ٿي پيا. ابتدائي طور موٽر سائيڪل سوار 3 ڄڻا ميرحسن مگسي,عبدالطيف مگسي ,منظور احمد مگسي سخت زخمي ٿي پيا جن کي روڊ تي ويندڙ مسافرن علاج لا۽ رورل ھيلٿ سينٽر کڻائي آيا  جتي زخمين کي فرسٽ ايڊ ڏئي کين لاڙڪاڻي اسپتال منتقل ڪيوويو جتي رستي سان ويندي ھڪ ڄڻو منظور احمد عرف مزن مگسي زخمن جا سور نہ سھندي فوت ٿي ويو ,زخمين ميڍيا وارن کي ٻڌايو ته اسان جھل مگسي جي علائقي ڳوٺ مٺو مان شھدادڪوٽ وڃي رھيا ھئاسين ته شھدادڪوٽ مان خضدار ويندڙ مزدا سان ٽڪر ٿيئڻ جي نتيجي ۾ زخمي ٿي پيا سين. ٻئي طرف ڊرائيور مزدا ڇڏي فرار ٿي ويو. پوليس مزدا کي پنھنجي تحويل ۾ وٺي ڇڏيو آخري اطلاع تائين واقعي جو ڪيس داخل ٿي نه سگھيو.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو