مزاحمت ۾ ڪوتاهي، افغانستان ج آرمي چيف فارغ

ڪابل (ويب ڊيسڪ) افغان ميڊيا موجب صدر اشرف غني آرمي چيف عبدالولي احمدزئي کي فوري طور تي عهدي تان هٽائي ڇڏيو آهي ۽ سندس جاءِ تي جنرل هيبت الله علي زئي کي فوري طور نئون آرمي چيف مقرر ڪري ڇڏيو آهي.

Fired COAS Abdul Wali Ahmedzai

افغانستان مان آمريڪي فوج جي نڪرڻ کان پوءِ صورتحال وڌيڪ خراب ٿي وئي آهي ، طالبان ملڪ جي ڪيترن ئي صوبن جي گاديءَ وارن هنڌن تي ڪنٽرول حاصل ڪري ورتو آهي، جڏهن ته طالبان گاديءَ واري هنڌ ڏانهن پيشقدمي ڪري رهيا آهن. جن صوبن تي طالبان جو ڪنٽرول آهي تن ۾ صوبو فاراه ، بدخشان ، بغلان ، نيمروز ، جوزجان ، قندوز ، سرائي پل ، تخار ۽ سمنگان شامل آهن، جڏهن ته ايبڪ ، تالقان ، شبرغان ۽ زرنج به طالبان جي ڪنٽرول هيٺ آهن. افغان فوج پاران مزاحمت جي مناسب حڪمت عملي نه جوڙن سبب آرمي چيف کي فارغ ڪيو ويو آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو