‘مري ويل ماڻهن جو پيڇو ڇڏي ڏي!’

تحرير: لياقت ٿهيم

عزازيل، عربي ٻولي جي ليکڪ يوسف زيدان جو 2008 ۾ ڇپيل ناول آهي. هن ناول جو بنيادي نقطو هي آهي ته؛ چوٿين صدي عيسوي ۾، مصر ۽ فلسطين ۾ عيسائيت جي ڦهلجڻ جي شروعات ڪيئن ٿي ۽ انهن خِطن ۾ قديم مذهبن کي ڪفر ۽ بت پرستي ڪوٺي، ڪهڙي ريت پرتشدد طريقن سان ختم ڪيو ويو. هي ناول ’هيبا‘ نالي هڪ عيسائي جون يادگيريون آهن جن ۾ هو مري ويل ماڻهن سان ڳالهائي ٿو-اهي مري ويل ماڻهو جن سان هن زندگي گذاري آهي. انهن يادگيرين کي ڊائري جي صورت ۾، چمڙي جي مسودن ۾ تحرير ڪري ٿو ۽ اهي مسودا هو ايرامڪ ٻولي ۾ لکي ٿو. ايرامڪ، وچ اوڀر جي هڪ قديم زبان آهي. اسلام کان اڳ عرب علائقن ۾ ڳالهائي ويندي هئي. ’ايبراها‘ نالي يمن ۽ ايٿوپيا جو اهو بادشاھ جيڪو اسلام کان گهڻا سال اڳ، هاٿين جو لشڪر وٺي ڪعبي تي ڪاھ ڪري آيو هو ۽ ابابيلن وارو واقعو ٿيو هو، سو به ايرامڪ ٻولي ڳالهائيندو هو. ڪجھ تاريخي حڪايتن موجب حضرت عبدالمطلب (رضه)، جيڪو ڪعبي جو محافظ هو تنهن انهي بادشاھ سان جڏهن مذاڪرات ڪيا تڏهن پاڻ سان، ايرامڪ ٻولي ڳالهائيندڙ هڪ ترجمان وٺي ويو هو. عزازيل جي تحرير ٿيڻ جو پس منظر هڪ طرح سان هڪ ٻئي مشهور يهودي مسودي ’ڊيَڊ سِي اسڪرول‘ (بحر مردار جا مسواد) وانگر ٻڌايو ويو آهي جنهن ۾ يهودي حڪايتون آهن. عزازيل ۾ وري بحر مردار (ڊيَڊ سِي) جي ڪنارن سان آباد آڳاٽن شهرن اسڪندريه ۽ يروشلم ۾ گذرندڙ زندگي بابت واقعا ڏنا ويا آهن، جنهن ۾ خاص طور تي ’هيباتيا‘ نالي هڪ ذهين عورت کي عيسائي مذهبي گروهن ۽ هجومن پاران شهر ۾ گھلي گھلي مارڻ جو واقعو تمام خوفناڪ آهي ۽ ائين لڳي ٿو ڄڻ اڄوڪي پاڪستان جو ڪو شهر هجي. (لفظ هيباتيا جي معنيٰ آهي ’ ڪنهن بند ڪمري ۾، روشندان مان، سج جي ڪرڻن ۾ نظر ايندڙ ننڍڙا ذرا‘). هيباتيا جي قتل ۽ مصر ۾ عيسائيت جي اوج ۽ انهي جي مذهبي جنونيت بابت ’ايگورا‘ (جماعت خانو-مجلس) نالي هڪ هالي ووڊ فلم به ٺاهي وئي آهي. يوسف زيدان (1958) عربي ۽ اسلامي تهذيبن جو اسڪالر، اسڪندريه يونيورسٽي جو استاد، ڪالم نويس ۽ اسڪندريه جي هڪ ميوزيم ۾ ڊائريڪٽر آهي. سندس ناول فرينچ، انگريزي ۽ روسي ٻولين ۾ تسلسل سان ترجمو ٿيندا رهيا آهن. عزازيل کي سال 2009 ۾ ’بهترين عرب فڪشن‘ جو ايوارڊ به مليو آهي. عرب فڪشن ايوارڊ عربي ٻولي ۾ بُوڪر پرائز جي برابر سمجھيو ويندو آهي. سنڌي ۾ لکندڙ دوستن کي معلوم هجي ته عرب فڪشن پرائز جي نقد رقم پاڪستاني روپين ۾ ڪروڙ کن ٿي ويندي. هي انعام حاصل ڪندڙ ڪتاب پهرين سٽ ۾ انگريزي ۽ فرينچ سميت دنيا جي مکيه ٻين ٻولين ۾ ترجمو ڪري دنيا جي ٻين علائقن تائين پڙهندڙن تائين پهچائڻ جو ڪم به عرب فڪشن پرائز جي ذمي هوندو آهي. (پاڻ وٽ، هر ليکڪ کي سنڌي ۾معياري ڪتاب لکڻ لاءِ قوم جي خدمت واري جذبي جو جنڊ هلائڻو پوي ٿو. پوءِ جيترو هلي).عزازيل جو انگريزي مترجم جوناٿن رائيٽ برطانوي صحافي ۽ ترجمي نگار آهي ۽ 1980 کان وٺي وچ اوڀر ۾ سياسي رپورٽنگ ڪندو رهيو آهي. جوناٿن رائيٽ2008   کان وٺي عربي ڪتابن کي انگريزي ۾ ترجمو ڪرڻ شروع ڪيو. سندس عربي ترجمن ڪيئي معتبر امتيازي انعام حاصل ڪيا آهن جن ۾ 2013 ۾ عربي ٻولي ۾ ادبي ترجمن جو باني پال ايوارڊ ۽ 2014 ۾ انڊيپينڊنٽ فارين فڪشن پرائز شامل آهن. جوناٿن رائيٽ جي ترجمي کي گذريل سال اپريل ۾ ’آج پبليڪيشن‘ طرفان اردو ۾ ترجمو ڪري ڇپايو ويو آهي. اردو مترجم نديم اقبال اصل ڪوٽڙي جو، پيشي جي لحاظ کان هڪ سائيڪيٽرسٽ آهي ۽ ڪراچي جي هڪ ميڊيڪل ڪاليج ۾ گريجوئيٽ ۽ پوسٽ گريجوئيٽ شاگردن کي پڙهائيندو آهي.(هي آرٽيڪل سوشل ميڊيا تي سرڪيوليٽ ڪري رهيو هو جيڪو پنهنجي پڙهندڙن لاءِ پيش ڪجي ٿو…ادارو)

پهنجو تبصرو موڪليو