مرزا گروپ کي ڌچڪو، قادر ميمڻ پي پي ۾ شامل

بدين(ن سنڌيار) مرزا گروپ جي ڊسٽرڪٽ ڪائونسل جي اڳوڻي ميمبر قادر نواز ميمڻ ڪراچي ۾ پيپلزپارٽي سنڌ جي صدر نثار احمد کھڙو سان سندس رھائشگاھ تي ملاقات ڪري پيپلز پارٽي ۾ شموليت جو اعلان ڪري ڇڏيو، ان موقعي تي سنڌ جي وڏي وزير جو ايڊوائيزر پير نورالله قريشي، پيپلزپارٽي جي اڳواڻ رئيس غلام قادر مري ۽ سيڊا بدين جو چيئر مين رئيس قبول محمد کٽياڻ موجود ھئا،پير نورالله موجب پيپلزپارٽي سنڌ جي صدر نثار احمد کھڙي قادر نواز ميمڻ کي پيپلزپارٽي ۾ شموليت جي آجيان ڪئي ۽ چيو ته اهو پارٽي قيادت تي عوام جو اعتماد آهي.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو