مرحبا مرحبا يا رسول الله، جشن عيد ميلاد النبي !

ليکڪ  جاويد احمد چانڊيو

پوري ڪائنات جو رحمت اللعالمين، محسن انسانيت دنيا ۽آخرت جورهبر،انسانيت جوعلمبردار،خدا جو پيارورسول اسان جو آقا و مولا حضرت محمد رسول صلي الله عليه وسلم جن جي يوم ولادت جو مهينوربيع الاول آهي،12ربيع الاول جومهينو برڪتن وارو ڀلارومهينو آهي،اسان جو پيارو آقا و مولا حضرت محمد رسول صلي الله عليه وسلم،قريشي عرب بنون هاشم قبيلي جي معززسردار قبيلي سان تعلق رکندڙهئا،يوم ولادت مبارڪ سن 570 هجري مڪي پاڪ ۾ ٿي، اسان جي پياري آقا و مولا حضرت محمد صلي الله علي وسلم جن جي والد جو نالوحضرت عبدالله ابن عبدالمطلب هو،والده جو نالو بيبي آمنا هو،پياري آقا و مولا حضرت محمد صلي الله عليه وسلم جن جي پيدائش کان 6مهينااڳ والد صا حب حضرت عبدالله ابن عبدالمطلب وفات ڪئي،6ورهين جي عمر ۾ والده بيبي آمنا جي وفات ڪئي، ٻنهي جهانن جا سرداراسان جو آقا و مولا حضرت محمد صلي الله عليه وسلم ننڍ پڻ ۾ يتيم بڻجي ويا هئا، سندن پرويش سار سنڀال پنهنجي ڏاڏي حضرت عبدالمطلب ڪئي،حضرت بيبي حليما به پروش ڪئي،جيڪا دائي هئي،ان کي امان جو درجو به مليو،اسان جي آقا و مولا حضرت محمد صلي الله علي وسلم جن جي زندگي ۾نبوت عطا ٿيڻ کان اڳ به پاڪ پرهيزگارهئا،جواني ۾ به هن جو ڪو مٽ ثاني نه هو، خاندان جي ذريعوآمد حق حلال جي تجارت هو،پاڻ ڪريم صلي الله علي وسلم زندگي جو وڏو حصو خانداني پيشي تجارت سان وابسطا به رهيا،حضرت بيبي خديجت الڪبراسان شادي به ٿئي،جنهن مان نيا ڻين جو اولاد نصيب ٿيو،دين اسلام جي تبليغ عام ڪرڻ لاءِ ڪڏهن به ڪنهن به وڏي سخت تڪليفن ڏيڻ جي باوجود به پوئتي ڪون هٽيا،پيدائش مڪي شريف ۾ هجرت مديني ڏانهن ٿئي،هجرت جو صدمو تڪليف به برداشت ٿي ڪيائون، دين اسلام جي لشڪر کي خدا جي مدد حاصل هئي، دين اسلام قيامت تائين غالب رهندو، اسلامي مهيني ربيع الاول شروع ٿيڻ سان جشن آمد رسول جي سلسلي ۾ مختلف قسمن جي پروگرامن جي تياري زور شورسان ڪئي ويندي آهي،عاشقان رسول صلي الله عليه وسلم پنهنجي آقا جي يوم ولادت مبارڪ ملهائڻ لاءِ دل کولي خرچ به ڪند اآهن،۽شانائتون پروگرام رکڻ لاءِ گهڻو مصروف نظراينداآهن، پاڪستان سميت پوري عالم اسلام ۾ حضرت محمد صلي الله عليه وسلم جن جو يوم ولادت عيد جي خوشين وانگر ڏينهن هوندو آهي، جشن آمد رسول صلي الله عليه وسلم يوم ولادت مبارڪ وڏي جوش جذبي سان ملهايو ويندوآهي،پياري آقا و مولا حضرت محمد صلي الله عليه وسلم جن تي تمام ڪثرت سان درود جو ورد به خوب ڪيو ويندوآهي،ياد رهي ته ڪثرت سان درود پڙهڻ سان خدا جي رضامندي به شامل هوندي آهي، زندگي جي مڙني شعبن سان تعلق رکندڙ عاشقان رسول صلي الله عليه وسلم هر شهر هر محلي هر ڳوٺ ۾ جشن ميلاد جا پرو گرام عام ڪندا آهن،مفتي ،عالم سڳورا، حافظ ، نعت خوان جشن ميلاد جي پروگرامن ۾ سيرت النبي تي روشني وجهندا آهن،ربيع الاول مهيني جي آمد کان اڳ تيارين جو سلسلوشروع ڪري ڇڏيندا آهن،مردن،عورتن، نوجوانن، بزرگن توڙي ٻارڙا به تمام گهڻو خوش نظر ايندا آهن،سرڪاري سطح تي عام موڪل ڪئي ويندي آهي،حڪومت سخت سيڪورٽي جا انتظام ڪندي آهي،سيڪورٽي ادارن هائي الرٽ رکڻ جو مقصد امن امان جي بحالي  به هوندو آهي،عالمي بيروني دشمن قوتون هميشه ناپاڪ سازشن جو ڄار وجهنديون آهن،سخت سيڪورٽي جا انتظام هجڻ ڪري دشمن جا ناپاڪ منصو با خاڪ ۾ ملي ويندا آهن، حڪومت عوام جو گڏيل اتفاق هجڻ سان معاملو سلجهي ويندوآهي، مسجدون سرڪاري عمارتون، اسيمبلي بلڊنگون،رهائشي ،ڪمرشل پلازا، گهٽيون گهر، مارڪيٽيون، تجارتي مرڪز، بازارون عاشقان رسول صلي الله عليه وسلم وڏي چاهت، محبت سان خوبصورت لائٽن،سبزجهنڊن سان سجائينداآهن،اسلامي لباس،جهنڊا بينئر،اسٽيڪر، مختلف ڊزائين جا بيج ۽رنگ برنگي لائٽون ٻيوسجاوٽي سامان جووڪروتمام گهڻو ٿيندوآهي،رنگين لائيٽن جي سجاوٽ سان دلڪش وڻندڙحسين نظارامن کي موهي وجهندا آهن، لنگر، نياز،مٺايون،ڪيڪ شربت، گهرن ۾مختلف قسم جا تعام تيارڪيا ويندا آهن،جشن عيد ميلاد الني صلي الله عليه وسلم جي ڏهاڙي تي تمام وڏا جلسا، ريليون، سيمينار،سيرت النبي ڪانفرنسون،سرڪاري توڙي نجي اسڪولن ۾ خاص تقريبن جا انتظام ڪيا وينداآهن، اڪثرهر گهر۾ جشن عيد ميلاد النبي جا پرو گرام منقعد ڪيا ويندا آهن، وڏي تعداد ۾ عورتون ٻارڙا ميلاد محفلن کي آباد ڪندا آهن، 12ربيع الاول جي موقعي تي هرطرف پياري آقا جي آمد مرهبا جا نعرا گونجنداآهن،درود جو ورد به گهڻوڪيو ويندوآهي ،اسلامي مهينو ربيع الاول عاشقان رسول صلي الله علي وسلم  جن جي  يوم ولادت مبارڪ خاص موقعو به عيد جهڙو خوشين ڀريو ڏينهن هوندو آهي،جشن عيد ميلاد النبي يادگارڏينهن هوندوآهي،عالم اسلام ۾ دنيا جي مختلف ملڪن ۾ جشن عيد ميلاد النبي پنهنجي پنهنجي اندازريت رسمن تي ملهائيندا آهن، اها ريت رسم صدين کان هلندي اچي پئي،جديد دور۾ وري ان کي اڃان وڌيڪ خوبصورتي انداز ۾ ملهائڻ جي ڪوشش ڪئي ويندي آهي،اسان تمام گهڻا خوشنصيب آهيون،اسان تي خداجون بيشماررحمتون ۽ برڪتون نعمتون شامل آهن،اسان کي دنيا ۽اخرت جي ڪاميابي لاءِ پنھنجوپياروپيغمبرحضرت محمد صلي الله عليه وسلم هدايت لاءِ موڪليو جيڪو پوري ڪائينات لاءِ خداجو وڏو انعام آهي،خداجي پياري رسول حضرت محمد صلي الله علي وسلم مبارڪ زندگي ۾ جهاد وسيلي آيل انقلاب عرب دنيا جي تاريخ بدلائي ڇڏي هئي، عرب جي تاريخ ۾ اهو به ڪارو دور هو،هرطرف جهالت جو انڌيروهو،انسانيت جو صرف نالو هو،ظلم جي انتها هئي،۽وڌنڌڙظلم خدا کي ناراض ٿي ڪيو،عرب سماج ۾ بي حد اڻ کٽ برايون هيون،اهڙيون برايون جنهن جومڪمل بيان ڪرڻ سان پوري انسانيت شرمائي ٿي،عرب ۾ معاشري جو بترين حال هو،معا شري جي اصلاح جي اميد نه هئي،هر طرف ظلم جو ڪارو دور هو، قتل عام،شراب نوشي، فحاشي،ڪوڙ، مڪر، فريب، چوري، فراڊ، جوئا،وياج خوري،غرور تڪبر،يتيمن سان بدسلوڪي،بيوهه عورتن کي حقارت سان ڏسڻ، حرام ، حلال کان بي خبر،حقدارن جو زبردستي حق غذب ڪرڻ معمول هوندو هو، ڏاڍن جو ڪمزورن تي ظلم عام، انصاف جو قتل،ڄمندڙنياڻين کي زنده دفن ڪرڻ، تجارت ۾ ڌوڪو،بت پرستي، مطلب ته هربرائي عام هئي ،اهو وڏو خداجوعظيم پوري انسانيت تي احسان آهي،جوانسان جي هدايت لاءِ حق سچ سڌي رستي جي واٽ ڏيکارڻ لاءِ حضرت محمد صلي الله علي وسلم، پيغمبرخداموڪليو،جنهن جي اطاعت ڪرڻ هر انسان انڌري کان نڪري روشني طرف اچي ٿو،سچو مذهب دين اسلام آهي، پياري رسول حضرت محمد صلي الله علي وسلم جي دين سان دلي حقيقي ناتو جوڙڻ سان۽ان تي مڪمل عمل ڪرڻ اسان جي دنيان آخرت جي ڪاميابي جي ضمانت آهي،دين اسلام خداجو پسند دين آهي،دنيا جو عظيم رهبر اسان جو آقا و مولا حضرت محمد صلي الله عليه وسلم آهن، جن جي حڪمن جي تعبيداري تي عمل ڪرڻ حقيقي زندگي اها آهي،         

پهنجو تبصرو موڪليو