مرتضيٰ وهاب ڪراچي جو ايدمنسٽريٽر مقرر ٿي ويو

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر)سنڌ جي وڏي وزير جي صلاحڪار مرتضيٰ وهاب کي ڪراچي جو ايڊمنسٽريٽر مقرر ڪرڻ جو نوٽيفڪيشن جاري ڪيو ويو آهي. مڪاني ادارن جي کاتي واري سيڪريٽري پاران جاري ڪيل نوٽيفڪيشن ۾ چيو ويو آهي ته سنڌ لوڪل گورنمينٽ ايڪٽ 2013ع تحت بيريسٽر مرتضيٰ وهاب کي فوري طور تي ڪراچي ميٽرو پوليٽن ڪارپوريشن جو ايڊمنسٽريٽر مقرر ڪيو ويو آهي جڏهن ته لئيق احمد کان چارج واپس ورتي وئي آهي. مرتضيٰ وهاب جي مقرري جون خبرون اڳ ۾ به هليو هيون جنهن تي گورنر عمران اسماعيل ۽ ايم ڪيو ايم پاڪستان مخالفت ڪندي چيو هو ته اڻ ڌريو ماڻه ان عهدي تي لڳائڻ جو فيصلو ٿيو هو پي پي ان جي خلاف ورزي ڪئي آهي. جڏهن کان وفاقي حڪومت سنڌ فتح ڪرڻ جي ڪوشش ڪري پئي ته ڌرين م اختلاف تيز ٿي ويا ۽ هن فيصلي سان اڃا اهي وڌي ويندا ۽ هڪ نئون محاذ کلندو.

پهنجو تبصرو موڪليو