مراد علي شاهه کان نيب پاران ابتدائي پڇاڻو مڪمل، اومني گروپ کي فائدن ڏيڻ بابت ڪيترائي سوال

اسلام آباد (رپورٽ اياز مهر) نيب راولپندي جي ٽيم ابتدائي پُڇاڳاڇا بعد وڏي وزير سيد مراد علي شاهه کي سوالنامو ڏئي لکت ۾ جواب داخل ڪرڻ جي هدايت ڪئي آهي. نيب پيشي بعد وڏي وزير ميڊيا سان ڳالهائيندي چيوته پنڊي جي حوالي سان اسان جو تجربو سٺو نه رهيو آهي، مون وٽ لڪائڻ لاءِ ڪجهه ناهي ۽ نيب کي جاچ ۾ سهڪار جي پڪ ڏياري اٿم. نيب جي ذريعن جو چوڻ آهي ته سنڌ جي وڏي وزير کان ايف آئي اي جي “جي آءِ ٽي” رپورٽ جي روشني ۾ سوال ڪيا ويا. کانئس پڇو ويو ته 14-2013 جي بجٽ ۾ سنڌ جي بيمار صنعتن جي بحالي لاءِ رکيل رقم مان7 ارب 19ڪروڙ روپين جي اومني گروپ کي سبسڊي ڇو ڏني، مراد علي شاهه چيو ته هن ڪا به قنوني خلاف ورزي ناهي ڪئي. جڏهن کائنس اومني گروپ جي چمبڙشگر ملز کي هڪ ارب اڻيتاليهه ڪروڙ، لاڙ شگر ملز کي هڪ ارب ٽيتاليهه ڪروڙ۽ نيو ٺٺوشگر ملز کي 89 ڪروڙ سبسڊي بابت سوال تي سيد مراد علي شاهه چيو ته اهو سوال سنڌ بئنڪ کان پڇو ڇو ته اها سبسڊي سنڌ بئنڪ ڏني هئي. ڪجهه سوالن جي جواب ۾ وڏي وزير چيو ته هو رڪارڊ ڏسي ۽ وڪيلن جي مشوري بعد جواب ڏيندو. جنهن تي کيس لکت ۾ سوالنامون ڏنو ويو جنهن ۾ پنجاهه کان وڌيڪ سوال شامل آهن. نيب ٽيم جي ذريعن جو چوڻ آهي ته سنڌ بئنڪ جي اعليٰ عملدارن کي به جاچ ۾ شامل ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي. نيب ٽيم جي پڇاڻي بعد ميڊيا سان ڳالهائيندي وڏي وزير مراد علي شاهه چيو ته ڪراچي ۾ پيش ٿيان ها ته خاموشي سان پيش ٿي هليو وڃان ها ۽ ڪيس ڪراچي ۾ هجڻ جي صورت ۾ خرچ به گهٽ ٿئي ها. هُن چيو ته ڪيس پنڊي ۾ هلي رهيو آهي ۽ ماڻهو سڀ ڪراچي ۾ آهن، اسان جو پنڊي جي حوالي سان تجربو سٺو ناهي رهيو. هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ته منهنجو ميڊيا ٽرائل ڪيو پيو وڃي، نيب کي جيڪو پُڇڻو هو، پُڇي ڇڏيو ۽ مون کي سوالنامو به ڏنو ويو آهي. مون وٽ لڪائڻ لاءِ ڪجهه به نه آهي ۽ نيب کي جاچ ۾ سهڪار جي پڪ ڏياري اٿم. واضح رهي ته اهو پهريون ڀيرو آهي ته حاضر سروس وزير اعليٰ کي جوابدار طور طلب ڪري پچاڻو ڪيو ويو آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو